احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل ڪنهن جي سفارش تي آيا؟

احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل ڪنهن جي سفارش تي آيا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ ۾سفارشي ڪلچر وڌي ويو آهي. احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ٽي 20 سيريز ۾ سريلنڪا خلاف ٽيم ۾ اعليٰ شخصيت جي چوڻ تي شامل ڪيو ويو، اهڙو انڪشاف اسپورٽس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر مشاهد الله ڪيو.هن چيو ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي “تمام مٿانهين” سفارش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. هن جو بظاهر اشارو وزير اعظم عمران خان ڏانهن هو پر هن سندس نالو نه ورتو.هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق نه پيو چاهي ته هي ٻيئي کيڏن پر هو وڏي سفارش سبب چُپ ٿي ويو. هن وڌيڪ چيو ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل جي شموليت واري ٽيم تي فساد ڦهلائي مصباح تي خراب اثر پيو،سفارش تي رانديگرن کي شامل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان اعليٰ سطح تي ٽيم وڃائي ڇڏي آهي. مشاهد الله وڌيڪ چيو ته مصباح الحق جي غلطي صرف اها آهي ته هن 32 لکن جي نوڪري بچائڻ لاءِ دٻاءُ قبول ڪيو.هن الزام لڳائيندي چيو ته “ڪرڪيٽ جي وفادار” ۽ “ڪرڪيٽ جي پي ايڇ ڊي  پاڪستاني ڪرڪيٽ جي نقصان جي ذميوار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو