اسلام آباد (بيورو)صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان مان پوليو جي 2هين ڪيس جي تصديق ٿي آهي.صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليو جا سمورا ڪيس اتر وزيرستان مان رپورٽ ٿيا آهن.ان حوالي سان صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ۽ اترين ضلعن کي پوليو جي حوالي سان حساس قرار ڏنو ويو آهي ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.عبدالقادر پٽيل چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ مربوط ۽ موثر حڪمت عملي جوڙي وئي آهي.هن اهو به چيو ته پاڪستانين کي گهرجي ته وائرس جي خاتمي کي قومي فرض سمجهي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.ان حوالي سان صحت واري وفاقي سيڪريٽري محمد فخر عالم ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته والدين پنهنجي ٻارن کي هر مهم ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.










