اترين علائقن مان ايندڙ ٻوڏ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيندي: مرتضيٰ

اترين علائقن مان ايندڙ ٻوڏ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيندي: مرتضيٰ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اتر علائقن مان ايندڙ ٻوڏ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيندي.پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي اسان هاءِ الرٽ آهيون.هن ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌو درياهه ۾ 6 لک ڪيوبڪ فٽ في سيڪنڊ وهڪري سان ٻوڏ جو امڪان آهي.سندس چوڻ هو ته سنڌ صوبي ۾ 30 سالن جي تاريخ ۾ معمول کان 466 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته پاڪستان ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان 4 سئو ٻارن سميت 11 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو