ڪراچي(ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات جي رياست ابو ظهبي ۾ واقع هڪ ايٽمي بجلي گهر تي ڊرون حملي کان پوءِ باهه لڳي وئي، اختيارين موجب ان واقعي ۾ نه ڪو ماڻهو زخمي ٿيو ۽ نه ئي تابڪاري جي سطح تي ڪو اثر پيو.
قطر پاران جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششن جي حمايت
قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي. جنهن دوران ايران واري جنگ بابت پاڪستان جي ثالثي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو ته شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني “بحران کي پرامن ذريعن سان ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ثالثي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو۔”
نيتن ياهو جي صدر ٽرمپ سان فون تي ڳالهه ٻولهه
اسرائيلي براڊ ڪاسٽر ڪان موجب اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ڳالهه ٻولهه دوران صدر ٽرمپ پنهنجي چين جي دوري ۽ ايران جنگبندي بابت ٿيل پيش رفت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي ايران خلاف ٻيهر جنگ شروع ڪرڻ بابت به مشورا ڪيا.
نقوي جي ايراني صدر ۽ اهم اڳواڻن سان ملاقاتون
پاڪستان جي گهرو وزير محسن نقوي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان صدارتي محل ۾ ملاقات ڪئي آهي. ايراني نيوز ايجنسي IRNA موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ “خانگي” ملاقات 90 منٽن تائين جاري رهي، جڏهن ته ايران جو گهرو وزير اسڪندرمومني ۽ پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ صدر سان گڏ موجود هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل جو اهم پيغام کڻي هو گذريل ڏينهن تهران پهتو هو. ان کان اڳ هن منجهند ڌاري پارلياماني اسپيڪر باقر قاليباف سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪئي.
ايٽمي بجلي گهر تي حملي جي جاچ ڪريون پيا، يو اي اي
وزارت دفاع اعلان ڪيو آهي ته 17 مئي 2026 تي UAE جي فضائي دفاعي نظام مغربي سرحد واري رخ کان ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ ٽن بغير پائلٽ جهازن (UAVs) کي روڪيو۔ وزارت موجب ٻن UAVs کي ڪاميابي سان تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ٽيون ڊرون الظفره علائقي ۾ واقع براڪه نيوڪليئر پاور پلانٽ جي اندروني حد کان ٻاهر موجود هڪ برقي جنريٽر سان ٽڪرائجي ويو۔ وزارت وڌيڪ چيو ته حملن جي ذميوارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي، ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ تفصيل جاري ڪيا ويندا۔ وزارت دفاع زور ڀريو ته اها هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، ۽ ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش جو سختي سان مقابلو ڪيو ويندو، جيئن قومي مفادن ۽ ڪاميابين جي حفاظت يقيني بڻائي سگهجي۔
اسرائيل تي حزب الله پاران 200 پروجيڪٽائيل فائر
هڪ اسرائيلي فوجي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته Hezbollahحزب لله هفتي جي موڪلن دوران اسرائيل ۽ ان جي فوجين تي لڳ ڀڳ 200 راڪيٽ ۽ ٻيا گولا فائر ڪيا، جيتوڻيڪ اسرائيل ۽ لبنان جنگبندي ۾ واڌ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. اسرائيلي عهديدار اي ايف پي کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته: “هفتي جي موڪلن دوران حزب الله اسرائيل جي رياست ۽ IDF فوجين ڏانهن لڳ ڀڳ 200 گولا فائر ڪيا، جيڪو جنگبندي جي معاهدي جي واضح ۽ لڳاتار ڀڃڪڙي آهي۔”
ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو بيان
اسماعيل بقائي ايڪس تي جاري يل بيان ۾ چيو آهي ته پنهنجي غيرقانوني “پسند جي جنگ” کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ هاڻي جيڪو ايندڙ وڏو ڪوڙ پيش ڪيو پيو وڃي، اهو اها دعويٰ آهي ته هو “عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکي رهيا آهن۔” حقيقت ۾، آمريڪي ۽ اسرائيلي حڪومتن جي لاپرواهه جنگ پسند پاليسين ئي اميد ڏياريندڙ سفارتي عمل کي تباهه ڪيو، ۽ ايران خلاف بنا ڪنهن اشتعال جي فوجي جارحيت ذريعي ڄاڻي واڻي اهم توانائي رستن ۾ عدم تحفظ پيدا ڪيو۔ ان کان پوءِ ايران تي ئي عدم استحڪام جو الزام هنيو ويو، جيئن جوزف گوئبلز جي بدنام زمانه قول تي عمل ڪري سگهجي: “ٻين تي اهو الزام لڳايو جيڪو توهان پاڻ ڪري رهيا آهيو۔” هي انهن جو پراڻو ۽ منافقانه طريقو آهي: پهرين بحران ۽ جنگ پيدا ڪريو، پوءِ “استحڪام بحال ڪرڻ” ۽ “امن جي حفاظت” جي نالي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ وڌايو۔ “هو ويرانيون پيدا ڪن ٿا ۽ ان کي امن سڏين ٿا۔”










