اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي هڪ مقامي عدالت خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس اسلام آباد جي جج نصر من الله بلوچ اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف آڊيو ليڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران، عدالت علي امين جي پيش نه ٿيڻ تي سندس غير ضمانتي وارنٽ جاري ڪيا ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته کيس گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.بعد ۾، عدالت علي امين گنڊاپور جي غير موجودگي سبب فرد جرم جي ڪارروائي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.علي امين گنڊاپور خلاف گولڙه پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










