شڪارپور (ن سنڌيار) آپڪا سنڌ جي سڏ تي شڪارپور ۾ 20 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽ جي ملازمن جو احتجاج، ريلي، نٽهڻ اس ۾ 3 جڳهن تي ڌرڻا. تفصيل موجب آپڪا صوبائي سنڌ جي هدايتن تي آپڪا ضلع شڪارپور پاران وڌندڙ موتمار مهانگائي ۽ پگهارن ۾ 100 سيڪڙو اضافي لاءِ ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي جي اڳواڻي ۾ 20 کان وڌيڪ ڊپارٽمينٽ جن ۾ لوڪل گورنمينٽ ميونسپل، ايجوڪيشن، روڊس، پبلڪ هيلٿ، صحت، پاپوليشن، سوشل ويلفيئر، ڪاليجز، فوڊ، فاريسٽ، ايجوڪيشن ورڪس، روينيو، ايريگيشن، اسڪارپ ڊرينيج، ايڪسائيز سميت ٻين ڊپارٽمينٽ جي سوين ملازمن پاپوليشن آفيس کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي لکيدر گهنٽا گهر ۽ جماڻي هال چوڪ تي ڌرڻا هنيا ويا جنهن بعد احتجاجي ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پهتي جتي ملازمن نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ۽ موتمار مهانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي آپڪا جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي، نظير شاهه، آغا بابر پٺاڻ، مجاهد حسين لانگاهه، اسلم شيدي، شفيق احمد شيخ، سيد رشيد شاهه، شعيب پٺاڻ، شاهد علي ميمڻ، شوڪت بلوچ، عمير شجراع ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران پيٽروليم شين، گئس، بجلي، کاڄرو تيل، گيهه، ڪوڪنگ آئل سميت روز مرهه جي استعمال ٿيندڙ شين ۾ اضافو ڪري غريب ملازمن مٿان بم اڇلايو آهي، هن مهانگائي جي دور ۾ ملازم طبقو سخت پريشان آهي جيڪو ٻه وقت ماني به نه ٿو کائي سگهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ملازم طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪلارڪن جي پگهارن ۾ فوري طور 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو، ايڊهاڪ رليف الائونس ڏنو وڃي، ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ڪري ناجائز ڪٽوتيون بند ڪيون وڃن، ڪلارڪن جي رهيل اپگريڊيشن، ميڊيڪل الائونس، گروپ انشورنس ۽ ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سموري سنڌ اندر قلم ڇڏ هڙتال ڪري سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪنداسين










