واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصل ڊيرڪ شول جي اڳواڻي ۾ وفد 17 فيبروري تي پاڪستان پهچندو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو قونصلر ڊيرڪ شيول پاڪستان جي دوري دوران سينيئر پاڪستاني عملدارن سان ملاقاتن ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.آمريڪي اعليٰ سطحي وفد جي آمد جو مقصد پاڪستان-آمريڪا اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ ۽ موسمياتي بحران جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون جي ڪوششن ۾ حصو وٺڻ آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي قونصل ڊيرڪ شول جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات جو امڪان آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اعليٰ عملدارن جي وفد جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان به ملاقات جو امڪان آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو قونصلر وفد اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اسلام آباد ۾ اعليٰ سرڪاري عملدارن، سول سوسائٽي جي ميمبرن ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو.انهن ملاقاتن جو مقصد ٻه طرفي پارٽنرشپ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مقصدن جي ٻيهر تصديق ڪرڻ آهي.ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان ٻڌايو ويو هو ته ڊيوڊ شول جي اڳواڻي ۾ وفد 14 کان 18 فيبروري تائين بنگلاديش ۽ پاڪستان جو دورو ڪندو.










