نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)رمضان جي مقدس مهيني دوران آمريڪي ريپر ۽ پروڊيوسر جونٿن ايڇ سمٿ اسلام قبول ڪيو. جونٿن ايڇ سمٿ، جنهن کي سندس مداح لِل جون، لِل جون جي نالي سان سڃاڻن ٿا، گذريل جمعي ڏينهن ڪيليفورنيا جي ڪنگ فهد مسجد جو دورو ڪيو، جنهن دوران جون سوين ماڻهن جي سامهون ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪندي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ آمريڪي ريپر کي مسجد جي امام جي هدايتن هيٺ پهرين عربي ۽ پوءِ انگريزي ۾ ڪلام پڙهندي ڏٺو وڃي ٿو.بعد ۾ آمريڪي ريپر انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته ”الحمدلله، سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي مهرباني جن مون کي مثبت پيغام موڪليو ۽ مون سان غير مشروط محبت جو مظاهرو ڪيو.










