آمريڪا ۾ تاريخ رقم ، ٽرمپ چونڊن لاءِ نااهل قرار

آمريڪا ۾ تاريخ رقم ، ٽرمپ چونڊن لاءِ نااهل قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي سياسي تاريخ ۾ نئين تاريخ رقم ٿي وئي ۽ رياست ڪولوراڊو جي عدالت اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت قرار ڏنو ته ٽرمپ ڪيپيٽول هيل تي حملي ۾ ملوث هجڻ سبب اميدوار بڻجڻ جو اهل ناهي، عدالتي فيصلو رڳو ڪولوراڊو تي لاڳو ٿيندو.آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊ لاءِ پرائمري ۾ حصو وٺڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، رياست ڪولوراڊو ۾ رياستي پرائمري چونڊون 5 مارچ 2024 تي ٿيڻيون آهن.آمريڪا جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن عدالت صدارتي اميدوار کي 1868ع جي شق تحت نااهل قرار ڏنو آهي.ڊونلڊ ٽرمپ جي ترجمان فيصلي کي ’غير جمهوري‘ قرار ڏيندي اعلان ڪيو ته هو آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي خلاف اپيل ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو