آمريڪا ۽ چين جي صدرن جون هڪٻئي کي ڌمڪيون

آمريڪا ۽ چين جي صدرن جون هڪٻئي کي ڌمڪيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن چين کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن يوڪرين ۾ فوجي ڪارروائي تي روس جي حمايت ڪئي ته ان کي ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. آمريڪي صدر پنهنجي چيني هم منصب سان ٻن ڪلاڪن تائين وڊيو لنڪ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ بائيڊن واضح ڪيو ته جيڪڏهن چين روس جو ساٿ ڏنو ته ان کي نه رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا مان ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو. ان موقعي تي آمريڪي صدر چيو ته روس وانگر آمريڪا چين تي به پابنديون لڳائي سگهي ٿو. وڊيو لنڪ ذريعي چين جي صدر آمريڪا ۽ نيٽو تي زور ڏنو ته هو روس سان ڳالهيون ڪن ته جيئن يوڪرين جي بحران جي اصل سبب کي سمجهڻ ۽ روس ۽ يوڪرين جي سيڪيورٽي خدشن کي دور ڪري سگهجي. چيني صدر چيو ته روس ۾ بي بنياد پابنديون عام ماڻهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته عالمي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو. صدر شي جن پنگ  سرد ​​جنگ جي ذهنيت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ياد رهي ته ٽرمپ جي دور کان وٺي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، چيني صدر چيو ته اهو ”انتهائي خطرناڪ“ آهي ته آمريڪا جا ڪجهه ماڻهو تائيوان ۾ آزاديءَ جي حامي قوتن کي غلط سگنل موڪلي رهيا آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تائيوان جو مسئلو خوش اصلوبي سان حل نه ڪيو ويو ته ان جا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي تباهه ڪندڙ اثر پوندا. آمريڪي صدر چيو ته اسانجو موقف واضح آهي جيڪو تبديل نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو