اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان کان وڌيڪ پنهنجي مفادن جو خيال رکندو.شبلي فراز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي چونڊون دنيا لاءِ اهم آهن، آمريڪي ووٽر ۽ حڪومت پنهنجي مفادن جي بنياد تي فيصلا ڪن ٿا.هن چيو ته آمريڪا سپر پاور آهي ۽ ڪيترائي ملڪ ان کي ڏسي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ٺاهيندا آهن، آمريڪا جي پهرين ترجيح پنهنجو ملڪ آهي.شبلي فراز جو چوڻ آهي ته آمريڪي پهريان اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته پنهنجي ملڪ کي ڪيئن مضبوط ۽ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ائين ناهي ٿيو ۽ اسان سياسي طور ڪمزور ٿي ويا آهيون.پي ٽي آءِ سينيٽر چيو ته بدقسمتي سان اسان اهڙي پاليسي نٿا ٺاهي سگهون جنهن سان اهو ظاهر ٿئي ته اسان آزاد ۽ خودمختيار قوم آهيون.سندس چوڻ آهي ته اسان کي پاڪستان جي مفادن جو پاڻ کي خيال رکڻو آهي، پاڪستان حڪومت کي پاڻ کي مستحڪم ڪندي واضح پاليسي ٺاهڻ گهرجي.شبلي فراز جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان کي اهڙي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جنهن سان ملڪ کي فائدو ٿئي ته جيئن اسان ڪنهن ٻئي جو مفاد نه ڏسندا رهون.هن اهو به چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان ڪمزور حالت ۾ آهيون، اسان کي ٻطرفن لاڳاپن جي ميڪنزم تي ڪم ڪرڻو پوندو.










