آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا ۽ ايم او يو جي خلاف ورزي جا الزام، صورتحال نازڪ

آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي تي حملا ۽ ايم او يو جي خلاف ورزي جا الزام، صورتحال نازڪ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته هرمز جي پٽي ۾ هڪ تجارتي جهاز تي ايراني حملي جي جواب ۾ ايران ۾ ڪيترن ئي فوجي هدفن تي فضائي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. سينٽڪام موجب ايراني فورسز پاناما جي جهنڊي واري آئل ٽينڪر کي ڊرون سان نشانو بڻايو، جيڪو هرمز جي پٽي ويجهو لڳ ڀڳ 20 لک بيرل خام تيل کڻي گذري رهيو هو. حملي جي جواب ۾ آمريڪي فوج ايران جي فوجي نگراني جي نظام، مواصلاتي مرڪزن، فضائي دفاعي تنصيبات، ڊرون ذخيرگاهن ۽ بارودي سرنگون وڇائڻ جي صلاحيت رکندڙ هدفن کي نشانو بڻايو. آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، صدر ٽرمپ جي هدايت تي 27 جون تي اهي ڪارروايون ڪيون ويون.

ايراني حملن سان وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجين جي جاني نقصان جي ڪا اطلاع ناهي: آمريڪي عهديدار

ايران تي آمريڪا جي فضائي حملي ۽ ايران جي جوابي حملن کانپوءِ هڪ آمريڪي عهديدار بيان ۾ چيو آهي ته ايران بحرين ۽ ڪويت سميت پاڙيسري ملڪن تي ڪيترائي ڊرون ۽ ميزائل داغيا آهن، پر وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اهلڪارن جي جاني نقصان جي ڪا به اطلاع ناهي ملي. حملي ۾ آمريڪي تنصيبات کي ڪنهن وڏي نقصان جي به ڪا رپورٽ ناهي.

آمريڪا هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) ويجهو ايراني هدفن تي حملي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي

آمريڪا فوج سان تعلق رکندڙ 10 انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچي) کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.ان کان اڳ واري بيان ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته هرمز جي پٽي ۾ پاناما جي جهنڊي واري ٽينڪر جهاز تي ايراني ڊرون حملي جي جواب ۾ ايران اندر ڪيترن ئي فوجي هدفن تي فضائي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. فوجي نگراني جي نظام، مواصلاتي مرڪزن، فضائي دفاعي تنصيبات، ڊرون ذخيرگاهن ۽ بارودي سرنگون وڇائڻ جي صلاحيت سان لاڳاپيل هدفن کي نشانو بڻايو ويو. اهي ڪارروايون صدر ٽرمپ جي هدايت تي ڪيون ويون آهن.

ايران پاران آمريڪي حملن جي جواب ۾ بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي تنصيبات تي حملا

ايراني خبرون ڏيندڙ ادارن “تسنيم” ۽ “پريس ٽي وي” موجب، ايراني پاسدارانِ انقلاب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ آمريڪي تنصيبات کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو. ايراني نيوي ۽ ائير اينڊ اسپيس فورس گڏيل طور تي آمريڪي تنصيبات تي حملا ڪيا. هي حملو ايران تي ٿيل تازن آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو.پاسدارانِ انقلاب چيو ته جنگ بندي جي خلاف ورزي “اسلام آباد مفاهمتي ياداشت” جي شق 1 جي ابتڙ آهي، ۽ خبردار ڪيو ته ان جي نتيجي ۾ سمورو سفارتي عمل مڪمل طور تي روڪيو ويندو. پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ چيو ته آيندي خلاف ورزي ڪرڻ تي وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ايران خلاف ڪنهن به دشمني واري قدم جو ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

آمريڪي صدر جي ايران خلاف وڌيڪ سخت فوجي ڪارروائي جي وارننگ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي فوج جنگ بندي معاهدي جي خلاف ورزي تي ايران کي نشانو بڻايو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ آمريڪي صدر لکيو ته ايراني ميزائل ۽ ڊرون اسٽوريج جي جڳهن ۽ ريڊار سائيٽس تي حملا ڪيا ويا آهن. اهڙو وقت به اچي سگهي ٿو جو اسان وڌيڪ صبر جو مظاهرو نه ڪري سگهون ۽ اسان کي فوجي طريقي سان ان ڪم کي مڪمل ڪرڻو پوي جيڪو اسان ڪاميابي سان شروع ڪيو هو. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسلامي جمهوريه ايران جو وجود ختم ٿي ويندو.

آمريڪي حملي ۾ سيرڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور نشانو بڻجڻ جي اطلاع آهي: ايراني ميڊيا

ايراني ميڊيا موجب سيرڪ ۽ قشم ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جڏهن ته آمريڪي حملي ۾ سيرڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاور کي نشانو بڻائڻ جي اطلاع آهي.

آمريڪا ايران تي ٻيهر حملو ڪري ڏنو: آمريڪي نيوز ويب سائيٽ جي دعويٰ

هڪ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران تي ٻيهر حملو ڪري ڏنو آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب ڏکڻ ايران جي ساحلي شهر سيرڪ ۾ شديد ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن، جيتوڻيڪ ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.

آمريڪا اسرائيل تي ڏکڻ لبنان مان نڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي: لبناني صدر جو مطالبو

لبناني صدر جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. لبناني صدارتي محل پاران جاري ڪيل بيان موجب، لبناني صدر پنهنجي آمريڪي هم منصب کي چيو ته لبنان اسرائيل سان فريم ورڪ معاهدي تي عملدرآمد جون ذميواريون پاڻ سنڀاليندو، ان سان گڏ ئي مطالبو ڪيو ته آمريڪا معاهدي جي خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ۽ اسرائيل تي ڏکڻ لبنان مان نڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي.

لبنان سان معاهدو ايران ۽ حزب الله لاءِ وڏو جهٽڪو آهي: اسرائيلي وزيراعظم

اسرائيلي وزيراعظم لبنان سان آمريڪي ثالثي ۾ ٿيل معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. اسرائيلي وزيراعظم لبنان سان معاهدي کي تاريخي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو ته هي ايران ۽ حزب الله لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو آهي. نتن ياهو روايل سال اسرائيل جي چونڊن کانپوءِ هڪ وسيع قومي حڪومت ٺاهڻ جي دعويٰ پڻ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو