اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان سان جيل ۾ ملاقات جي درخواست تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، پنجاب گهرو سيڪريٽري، انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي 23 آڪٽوبر تي نوٽيس جاري ڪيا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان گڏ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وڏي وزير سهيل آفريدي جي طرفان ايڊووڪيٽ علي بخاري عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته رجسٽرار آفيس خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير جي جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات جي درخواست تي ڪيترائي اعتراض اٿاريا آهن.وڪيل چيو ته اعتراض آهي ته ان حوالي سان عدالت جو فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو آهي. اهو به اعتراض آهي ته خيبر پختونخواهه حڪومت ۽ صوبائي ڪابينا جي فيصلي کان سواءِ وڏو وزير ڪيئن درخواست داخل ڪري سگهي ٿو؟ هن چيو ته اهو اعتراض ان ڪري پيدا نٿو ٿئي جو ڪابينا اڃا تائين ٺهي نه سگهي آهي.عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










