پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير اليڪشن ڪميشن جي طلبي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ دليل ڏنو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سهيل آفريدي کي بنا ڪنهن سبب يا جواز جي طلب ڪيو، ۽ اليڪشن ڪميشن پاران ڪي پي جي وڏي وزير کي طلب ڪرڻ غير قانوني آهي.داخل درخواست جي متن موجب، اليڪشن ڪميشن جو هي عمل آرٽيڪل 9، 10 اي، 17 ۽ 25 جي خلاف ورزي آهي، سهيل آفريدي ڪنهن لاءِ مهم نه هلائي ۽ نه ئي هن اليڪشن ڪميشن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي.درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل طلبي نوٽيس کي غير قانوني قرار ڏيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي وڏي وزير خلاف ڪنهن به ڪارروائي کان روڪڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.










