ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.اڳوڻي صدر آصف علي زرداري لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو ته مان سڀني جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان، واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حملي جي مذمت ڪندي چيو ته عمران خان جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيان.










