آصف زرداري ملڪ جو صدر ٿيندو منظور وساڻ جي اڳڪٿي

آصف زرداري ملڪ جو صدر ٿيندو منظور وساڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي: (رپورٽر) سنڌ جي زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ آصف علي زرداري، عمران خان ۽ چونڊن بابت نئين اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ زراعت بابت صلاحڪار منظور حسين وساڻ پنهنجي بيان دوران نئين اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايوان صدر ۾ آصف علي زرداري کي ڏسي رهيو آهيان، عمران خان جو مستقبل اونداهو نظر اچي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جا ڪجهه ماڻهو ٻاهر هليا ويندا. منظور وساڻ چيو ته تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ماڻهو جيل ويندي ڏسي رهيو آهيان. هاڻ صرف اهو طئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي جيل ۾ رکڻو آهي. منظور وساڻ عام چونڊن بابت اڳڪٿي ۾ چيو ته چونڊون 6 يا 9 مهينن کان پوءِ ٿي سگهن ٿيون. عام چونڊون صاف شفاف ٿينديون. چونڊن ۾ جيڪي به غلطيون آهن اهي ختم ڪيون وينديون جيڪو چونڊون کٽي ايندو ان کي حڪومت ۾ موقعو ڏنو ويندو. منظور وساڻ چيو ته هن وقت عمران خان سان گڏ جيڪي آهن اهي ٿي سگهي ٿو ته 6 مهينن کان پوءِ نظر به نه اچن. احتساب سڀني جو ٿيندو. احتساب نه ٿيندو ته ملڪ نه هلي سگهندو. احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي.منظور وساڻ مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته موجوده حڪومت ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي ويندي. عمران خان جي حڪومت مهانگائي تي ڌيان نه ڏنو هو. پ پ اڳواڻ تحريڪ انصاف جي جلسن تي چيو ته چونڊون کٽڻ جو جلسن سان اندازو نٿو لڳائي سگهجي. جلسو ڪرڻ ۽ چونڊون کٽڻ ۾ وڏو فرق آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو