ميلبورين(ويب ڊيسڪ)آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجه ويزا مسئلن سبب ڀارت نه وڃي سگهيو.عثمان خواجا سوشل ميڊيا تي ٽيم سان گڏ ڀارت نه وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو ته ويزا جو انتظار ڪري رهيو آهيان، ائين لڳي رهيو آهي ته مان ڦاسي پيو آهيان.رپورٽن مطابق آسٽريلوي اسڪواڊ اڱاري جي رات ڀارت لاءِ سڊني روانو ٿي ويو، جڏهن ته عثمان خواجا جي ويزا اڄ ڪليئر ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ هو اڄ ئي ڀارت روانو ٿيندو.آسٽريلوي ميڊيا موجب عثمان خواجه کي 2011ع ۾ ڀارت وڃڻ لاءِ ويزا جو مسئلو هو.عثمان خواجه کي 2011 ۾ چيمپئنز ليگ ٽي 20 ٽورنامينٽ لاءِ ڀارت وڃڻو هو.ان وقت آسٽريلوي اختيارين عثمان خواجه جي ان معاملي کي پاڪستان سان لاڳاپن جو سبب نه سمجهيو هو.عثمان خواجه 2011ع ۾ به ويزا نه ڏيڻ تي آواز اٿاريو هو.واضح رهي ته آسٽريليا کي ڀارت ۾ 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻو آهي.آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 9 فيبروري تي کيڏي ويندي.










