آزادي مارچ ڪيس  ۾ خان ۽ ٻين جي بريت بابت فيصلو محفوظ

آزادي مارچ ڪيس ۾ خان ۽ ٻين جي بريت بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خلاف آزادي مارچ بابت آبپاره ٿاڻي ۾ داخل 2 ڪيسن ۾ بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.جڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي باني شاهه محمود قريشي ۽ فيصل جاويد جي بريت واري درخواست تي پي ٽي آءِ جي وڪيل سردار غزل ۽ آمنه علي پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا.سردار بسي ايڊووڪيٽ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته ايف آءِ آر مجاز اٿارٽي داخل ناهي ڪئي.دليل ڏيندي هن وڌيڪ چيو ته ٽرائل ٿيڻ جي باوجود سزا جو ڪو به امڪان ناهي.سردار مصروف ايڊووڪيٽ جو اهو به چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن وٽ ڦورن کانسواءِ ڪو به ثبوت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو