اسلام آباد(بيورو)آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سردار تنوير الياس سميت 5 وزيرن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آزاد ڪشمير جي برطرف ڪيل وزيرن ۾ سينيئر وزير سردار تنوير الياس ۽ تعليم وارو وزير عبدالمجيد خان شامل آهن. ان کان علاوه آزاد ڪشمير جي برطرف ڪيل وزيرن ۾ علي شان سوني، خواجه فاروق ۽ اڪبر ابراهيم شامل آهن.










