آرينا سبالينڪا مسلسل ٻيو ڀيرو ميامي اوپن ٽائيٽل کٽي ورتو

آرينا سبالينڪا مسلسل ٻيو ڀيرو ميامي اوپن ٽائيٽل کٽي ورتو

ميامي: (ويب ڊيسڪ) دنيا جي نمبر ون ٽينس اسٽار آرينا سبالينڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڪوڪو گاف کي شڪست ڏئي مسلسل ٻيو ڀيرو ميامي اوپن جو ٽائيٽل کٽيو.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي جي مطابق، ميامي ۾ کيڏيل وومين سنگلز فائنل ۾، آرينا سبالينڪا هڪ دلچسپ مقابلي کان پوءِ ڪوڪو گاف کي 6-2، 4-6 ۽ 6-3 تان شڪست ڏني.ميچ جي شروعات ۾، سبالينڪا هڪ مضبوط راند پيش ڪئي ۽ پهريون سيٽ آساني سان کٽيو، پر آمريڪي اسٽار ڪوڪو گاف ٻئي سيٽ ۾ مضبوط واپسي ڪئي ۽ ميچ برابر ڪري ڇڏيو. فيصلي واري ٽئين سيٽ ۾، بيلاروسي پليئر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنٽرول سنڀاليو ۽ فتح حاصل ڪئي.هن فتح سان، سبالينڪا نه رڳو پنهنجو لقب برقرار رکيو پر “سن شائن ڊبل” اعزاز پڻ حاصل ڪيو، جنهن ۾ ساڳئي سيزن ۾ انڊين ويلز اوپن ۽ ميامي اوپن کٽڻ شامل آهي.هن ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هوءَ تاريخ ۾ ڪجهه چونڊيل رانديگرن ۾ شامل ٿي وئي آهي، جڏهن ته هي سندس ٻيو مسلسل ميامي اوپن جو ٽائيٽل پڻ آهي.ٻئي طرف، ڪوڪو گوف شاندار مقابلو ڪيو، پر هوءَ پنهنجي گهر جي ميدان تي ٽائيٽل کٽڻ ۾ ناڪام رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو