اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي مدي ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ خلاف درخواست محمود اختر نقوي داخل ڪئي هئي.ياد رهي ته جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بينچ جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي مشتمل آهي.آئيني بئنچ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته رجسٽرار آفيس درخواست داخل نه ٿيڻ جو اعتراض برقرار رکيو.










