اسلام آباد (بيورو) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي عمران خان سرڪس بند ڪري.تحريڪ انصاف چيئرمين طرفان آرمي چيف جي مقرري بابت بيان تي ردعمل ڏيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي سياست ان جي چوڌاري گهمي ٿي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو؟ ڇا عمران خان آئين پڙهيو آهي؟هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو اختيار آهي، عمران خان آگسٽ 2019 ۾ ان ئي اختيار کي آرمي چيف جي رٽائرمينٽ کان 4 مهينا اڳ استعمال ڪيو هو.سندس موجب ڇا عمران خان جي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته پاڪستاني فوج ۾ ڪو به ليفٽيننٽ جنرل آرمي چيف بڻجڻ جو اهل ناهي؟










