رياض(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل عاصم منير سومر ڏينهن مديني منوره ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.آرمي چيف عهدو سنڀالڻ بعد پنهنجي پهرين سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي هڪ هفتي جي سرڪاري دوري تي آهي. جيڪو 10 جنوري تي ختم ٿي رهيو آهي. سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) موجب شهزادي سلمان اڄ صبح ال اولا ۾ سياري واري ڪيمپ تي آرمي چيف جو استقبال ڪيو.
#PICTURES: Crown Prince Mohammed bin Salman receives the Chief of Army Staff of #Pakistan Lt. Gen. Asim Munir in #AlUla pic.twitter.com/lC0V7LCAYz
— Saudi Gazette (@Saudi_Gazette) January 9, 2023
ايجني موجب استقباليه ۾ سعودي بچاءَ واري وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر موسىٰ بن محمد العيبان به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير امير خرم ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. جنرل عاصم منير گذريل هفتي سعودي بچاءَ واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن سميت فوجي ۽ دفاعي سهڪار ۽ ان کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. عاصم منير گذريل ڏينهن عمرو به ادا ڪيو هو ۽ سندس لاءِ ڪعبي جو دروازو به کوليو ويو هو.










