راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دادو ضلعي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، متاثرن ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 5 هزار خيما لڳائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب دوري دوران آرمي چيف دادو، خيرپور، جوهي، ناٿن شاهه، ميهڙ ۽ منڇر ڍنڍ جو فضائي سروي ڪيو. ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته عوام جي ذميواري اسان جي پنهنجي آهي، اسان سنڌ جي عوام کي گذارش ڪريون ٿا ته اڳتي اچن ۽ امداد آڻين، اسان کي هر شيءِ لاءِ عالمي برادري ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي.هن چيو ته هن وقت سڄي پاڪستان مان ماڻهو ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪري رهيا آهن، پنجاب، خيبرپختونخواهه مان تمام گهڻي امداد اچي رهي آهي.هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي تمام گهڻي تڪليف آهي، انهن لاءِ اڳتي اچو. آرمي چيف چيو ته عالمي برادري پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ورلڊ فوڊ پروگرام، يو ايس ايڊ جا ماڻهو به آيا آهن.هن چيو ته هن پاڪستان جي سمورن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي، اڄ دادو آيو هو، مان سمجهان ٿو ته سڀ کان وڌيڪ تباهي هن علائقي ۾ ٿي آهي.هن وڌيڪ چيو ته باقي علائقن ۾ ريسڪيو ڪم تقريباً ختم ٿي چڪو آهي، هتي امدادي ڪم جاري آهي. آرمي چيف چيو ته متاثر علائقن ۾ بيمارين کي منهن ڏيڻ به هڪ چيلنج آهي، پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون خاص طور دادو واري علائقي ۾ هڪ چيلنج آهي. هن چيو ته هو انتظاميه سان گڏجي عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اميد آهي ته حڪومت سان گڏجي عوام جي زندگي بهتر بڻائي سگهندا. آرمي چيف چيو ته هن سال سياري کانپوءِ اونهاري جي موسم ۾ ويا ۽ بهار جي موسم نه آئي.هن چيو ته گلوبل وارمنگ جو اثر هر هنڌ نظر اچي رهيو آهي، ان جو حل متبادل توانائي ڏانهن وڃڻو آهي.هن چيو ته هائيڊرو ڪاربن، تيل ۽ ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار کي مرحليوار ختم ڪرڻو پوندو. آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ وڏا ڊيم ٺاهڻا پوندا، اڃا نٿو چئي سگهان ته ڊيم ڪٿي ٺهندا، سوات ۾ به ڊيم ٺاهڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ڊيمن سان بجلي پيدا ٿي سگهندي ۽ گلوبل وارمنگ سان گڏ آلودگي به گهٽ ٿيندي.










