ڪراچي ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 4 مارچ کان قائم احتجاجي ڪئمپ تي پيلپزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ اچي پنهنجي يڪجهتي جو اظھار ڪيو ۽ ايس ٽي پي پاران هلندڙ جدوجهد جي پڻ حمايت ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي وائيس چيئرمين انجنيئر گلزار احمد سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين عاجز ڌامراه پاران ڪئمپ تي اچي ايس ٽي پي جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ تي اسين کين ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت آھي، ان طرفان ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض ڪرڻ سٺو عمل آھي. پر جيڪڏھن ڊجيٽل آدمشماري جي مسئلي تي پيپلزپارٽي موقعي پرستي ڪئي يا ڪنهن به قسم جي سوديبازي ڪئي ته ايس ٽي پي طرفان جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراه ڳالهائيندي چيو ته اسين ڊجيٽل آدمشماري واري مسئلي تي ايس ٽي پي جي جدوجهد کي درست سمجهئون ٿا ۽ سندن جدوجهد جي پڻ حمايت ڪيون ٿا. ان موقعي تي ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ قادر چنا، شوڪت ابڙو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ حيات تنيو، عاشق ٿهيم، نادر مگسي، راڻو خان زهراڻي سميت شمشاد زهراڻي، جاويد کوسو، ساگر ابڙو، نسيم چانڊيو، ماجد شيخ محمد موسيٰ لڙڪو، مصري لڙڪو سميت سوين ڪارڪن پڻ موجود هيا.










