ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ٽنڊو محمد خان ڀرسان جهرڪ پل جي مُک چوڪ عالي جِهرڪ ملاڪاتيار وٽ سوين آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان درجنين گاڏيون بيھي رھيون، اُن حوالي سان ڌرڻي ۾ شريڪ آبادگار اڳواڻن نوراحمد جهرڪ، صالح جهرڪ، گلڻ ملاح، دين محمد خاصخيلي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي نااهل عملدارن سبب ميرانپور جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، زرعي پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، فصل سڪي تباھ ٿي رهيا آهن، آبادگار توڙي هارين جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملدار ميرانپور جي منڍ واري بااثر آبادگارن کان رشوت وٺي لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ مُلوث آهن، جيڪا پڇڙي واري آبادگار سان ناانصافي آهي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو تيز اس ۾ ٻن ڪلاڪن تائين عوام سخت پريشان هنن وزير اعليٰ سنڌ آبپاشي وزير ڄام خان شورو کان مُطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پاڻي چوري ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي، جنهن بعد ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم سيد مجاهد علي شاھ روينيو کاتي عملدارن سان ڳالھ ٻولھ ڪري خاطري ڪرائڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو، ۽ ٻنھي طرفن جي ٽريفڪ بحال ڪئي وئي.










