اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت جي جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي سياسي ميدان نه بنايو 27هين آئيني ترميم پڙهي اچو.آئيني عدالت ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي يوٽيليٽي ڪارپوريشن جي ملازمن برطرفي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت يوٽيلٽي اسٽورز جي هٽايل سيل مين مزمل رفيق کي تياري جي لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو. جسٽس حسن رضوي ريمارڪس ڏنا ته وفاقي آئيني عدالت کي سياسي ميدان نه بنايو، لاهور هاءِ ڪورٽ مان برطرفي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل اوهان واپس وٺي ڇڏي.درخواست ڏيندڙ مزمل رفيق پنهنجي موقف ۾ چيو ته مون کي عدالت انٽرا ڪورٽ اپيل واپس وٺڻ جي ايڊوائس ڏني 12 هزار ملازمن کي فارغ ڪيو ويو.جسٽس حسن رضوي چيو ته 12 هزار ملازمن جي نه اوهان پنهنجي ڳالهه ڪريو، اوهان وفاقي عدالت ۾ ڊائريڪٽ درخواست ڪيئن داخل ڪري سگهو ٿا، ڪنهن وڪيل کان مشورو ڪري وٺو، 27هين آئيني ترميم کي ايندڙ ٻڌڻي تي پڙهي اچو، يوٽيليٽي اسٽورز سان ڪروڙين اربين روپين جو نقصان ٿيو، يوٽيليٽي اسٽورز ۾ ڪيل ڪرپشن پڪڙي وئي.عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهو حڪومت جي ڪرڻ جو ڪم آهي؟ يوٽيليٽي اسٽورز مان عوام نه پر اسٽاف مزا ماڻيا جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










