آئين ۽ قانون موجب حڪومت جي مدد ڪنداسين،آرمي چيف

آئين ۽ قانون موجب حڪومت جي مدد ڪنداسين،آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته آئين ۽ قانون مطابق جتي حڪومت چوندي سندن مدد ڪنداسين. پاڪستان ۾ ڪير به ڪنهن ٻئي جي لاءِ جوابده نه آهي، اعزاز سمجهان ٿو ته اسان قوم آڏو هڪ بااعتماد ۽ جوابده اداري طور حاضر رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته جهڙي طرح قوم جنگ جي وقت فوج جي مدد ڪئي اسان به قوم جي هر وقت مدد ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي کي شڪست ڏني ۽ فيبروري 2019 ۾ پاڻ کان پنجوڻ تي وڏي دشمن کي به شڪست ڏني.(ڀارت جو جهاز ڪيرائڻ واري تناظر ۾). هن چيو ته پاڪستان کي معاشي مشڪل رهي دنيا جا ڪيترا ملڪ دهشتگردي ۽ معاشي شڪنجي جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ وکري ويا پر اسين مقابلو ڪري خوشحالي جي راهه تي هلون پيا. آرمي چيف چيو ته دشمن پنهنجي ارادن م ناڪامي کانپوءِ هائبرڊ وار شروع ڪئي آهي جنهن جي جنگ جو ميدان عوام جا ذهن آهن، هو مايوسي پکيڙي رهيا آهن ته هتي ڪجهه نه ٿيندو پر مان چوان ٿو ته سڀ ڪجهه ٿيندو. هن ڪيڊٽس کي چيو ته اوهان کي به ان جنگ جو پهرين ڏينهن کان مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي سپاهين کي به هاءِ برڊ وار کان محفوظ رکڻو آهي. هن چو ته هائبرڊ وار کي مثبت تنقيد سان نه ملايو، اسانکي پورو ادراڪ آهي ته درست طرف وڃون پيا، عوام آئيني روايتن، وطن سان وفا ۽ قومي مفاد سڀني معاملن ۾ اسانجا رهنما اصول آهن. آرمي چيف چيو  ته عوام، آئين، آئيني روايتن ۽ وطن سان وفا جو عهد اسان جي طاقت آهي، اسان آئين ۽ قانون جي رهنمائي ۽ قومي مفادن ۾ چونڊيل حڪومت جي مدد جاري رکنداسين، جتي هو چوندا ته مدد ڪبي. آرمي چيف چيو ته هاڻ وقت آهي ته متحد ٿي پاڪستان کي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪريون، پاس آئوٽ ٿيندڙ دوست ملڪن جي ڪيڊٽس کي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، دوست ملڪن جي ڪيڊٽس محنت سان پنهنجي ٽريننگ مڪمل ڪئي آهي، هي جيڪو اسان جو رستو آهي ان تي هلڻ آسان ڪم ناهي، هن رستي ۾ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته اسان امن جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، امن قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجي رت سان ان جي حفاظت يقيني بڻائينداسين. پاسنگ آئوٽ، فلسطين، سريلنڪا ۽ ٻين دوست ملڪن جي ڪيڊٽس شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو