آئي بي اي پاس شاگردن جو احتجاج،سنڌحڪومت کي اپيل

آئي بي اي پاس شاگردن جو احتجاج،سنڌحڪومت کي اپيل

ڏوڪري (سنڌيار) سنڌ جي نوجوان آء بي اي پاس شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاء سنڌ جي 18 تعلقن جي شاگردن پاران سنڌ حڪومت کي اپيل ڪندي چيو آھي ته فوري طور تي 33 مارڪون کڻندڙ نوجوانن کي پاس ڪري سنڌ جي غريب مسڪينن محنتي شاگردن سان انصاف ڪري پاس ڪيو وڃي ۽ 33 مارڪون وارن کي به آفر آڊر ڏنا وڃن سنڌ جي مختلف شهرن جئين ڏوڪري ۾ به شاگردن احتجاج ڪندي ڀٽائي پريس ڪلب ڏوڪري جي صحافين کي ٻڌائيندي چيو آھي ته اسين نوجوان پاڪستان پيپلز پارٽي آصف علي زرداري چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه ۽ تعليم جي وزير سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري ۽ بالا آفيسرن کي اپيل ڪندي چيو آھي ته اڪثر ٻڌو ويندو آهي ته پيپلز پارٽي عوام کي روزگار ڏيندي آهي ۽ اسان کي به ٻين نوجوانن جئين 33مارڪون تي پاس ڪري فوري طور آرڊر ڏئي نوجوانن شاگردن مان بيچني ختم ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو