واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آئرلينڊ ٽڪ ٽاڪ تي ٻارن جي رازداري جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪامي تي 360 ملين ڊالر کان وڌيڪ ڏنڊ هنيو آهي.هي پهريون ڀيرو آهي جڏهن ٽڪ ٽاڪ کي يورپ جي سخت ترين ڊيٽا رازداري قانونن تحت سزا ڏني وئي آهي.آئرلينڊ جي ڊيٽا تحفظ ڪميشن ٽڪ ٽاڪ جي خلاف جرمانه لاڳو ڪيو.ياد رهي ته يورپ جي اڪثر وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين آئرلينڊ ۾ پنهنجا هيڊ ڪوارٽر کوليا آهن.










