لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽڪ ٽوڪر حريم شاهه الزام هنيو آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۽ ڀارت وچ ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع کي فڪس ڪرڻ لاءِ ملي ڀڳت آهي. حريم شاهه سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ڪيو جنهن ۾ هن ڀارتي ڪرڪيٽرن جي تصوير شيئر ڪئي جنهن تي ”فڪسرز“ لکيل آهي، حريم شاهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو.ٽڪ ٽوڪر لکيو ته ”ڀارت سمجهي ٿي ته دنيا بيوقوف آهي پر اسان بيوقوف ناهيون“.حريم شاهه چيو ته اسان کي خبر آهي ته هي ٽورنامينٽ اڳ ۾ ئي بي سي سي آءِ (بورڊ آف ڪرڪيٽ ان انڊيا) ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان طئي ٿيل آهي ته جيئن ڀارت جي فتح کي يقيني بڻائي سگهجي.هن اهو پڻ لکيو ته ‘سب پئسا کا ڪمال هي’، هڪ ٽوئيٽ جنهن تي ڪيترن ئي ٽڪ ٽاڪ صارفين اتفاق ڪيو ۽ ان جي تصديق ڪئي.










