ڪراچي (پ ر) آءِ سي ايم اي طرفان عمران خان گرائونڊ ۾ جاب فيئر جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري شرڪت ڪئي. آءِ سي ايم اي طرفان منعقد ڪيل هن جاب فيئر ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ ڪمپنين پنهنجا اسٽال قائم ڪيا جنهن ۾ هزارين شاگردن ۽ بيروزگارن ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پنهنجا دستاويز ۽ سي وي جمع ڪرائي. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته اسان کي اهڙي قسم جا پروگرام ۽ تقريبون ڪرائڻ گهرجن انهن سان نوجوانن ۾ شعور جاڳر ٿئي ٿو، تقريب دوران علي زيدي جو چوڻ هو ته جڏهن ته عمران خان وزيراعظم هو ته ڪرپشن ڪندڙن لاءِ وڏو خطرناڪ هو.










