ٽيرف پاليسي بورڊ سان  ڳالهيون ناڪام، پراڻي آٽو پاليسي برقرار

ٽيرف پاليسي بورڊ سان ڳالهيون ناڪام، پراڻي آٽو پاليسي برقرار

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) باوثوق ذريعن مان معلوم ٿيو آهي ته نئين آٽو پاليسي تي آءِ ايم ايف ۽ ٽيرف پاليسي بورڊ سان ڳالهيون جاري آهن جيڪي اڃا تائين ڪامياب ناهن ٿي سگهيون، جنهن جي ڪري وڌيڪ سيشن ٿيندا ۽ پراڻي آٽو پاليسي کي وڌيڪ هڪ سال لاءِ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. حڪومتي ميمبر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته حڪومت گذريل آٽو پاليسي تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، جڏهن ته نئين آٽو پاليسي به متعارف ڪرائي نه سگهجي آهي.وزيراعظم پاران نئين آٽو پاليسي تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. آٽو پاليسي تحت مينيوفيڪچرنگ ڪمپنين مراعتون ته حاصل ڪيون، پر عالمي معيار نه هجڻ ڪري مقامي طور تي تيار ٿيل ڪيتريون ئي گاڏيون برآمد (ايڪسپورٽ) نٿيون ڪري سگهجن. آٽوموبيل مينيوفيڪچررز گاڏيون برآمد ڪرڻ جي نالي تي رعايتون ورتيون پر گاڏيون برآمد نه ڪيون. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت نئين آٽو پاليسي تي آءِ ايم ايف سان مشاورت دوران پاليسي جو دفاع نه ڪري سگهي. وزيراعظم شهباز شريف صورتحال کي نظر ۾ رکندي آٽو پاليسي کي سيڙپڪار دوست بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نئين آٽو پاليسي ذريعي سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ روزگار جا موقعا وڌايا وڃن. نئين آٽو پاليسي ۾ مقامي طور تي تيار ٿيندڙ گاڏين ۾ بين الاقوامي معيار جا سيفٽي اسٽينڊرڊ (حفاظتي معيار) اپنايا ويندا. جيڪا ڪمپني عالمي معيارن تي پوري نه لهندي ان تي ڏنڊ (پينلٽي) هنيو ويندو. نئين آٽو پاليسي تي ايندڙ مهيني دوران به ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي ۽ پراڻي مدي خارج آٽو پاليسي کي وڌيڪ هڪ سال جي توسيع ڏئي جاري رکيو وڃي ٿو. نئين آٽو پاليسي ۾ اي وي (اليڪٽرڪ گاڏيون)، پلگ ان هائبرڊ ۽ هائبرڊ گاڏين جي فروغ لاءِ قدم تجويز ڪيا ويا آهن. نئين آٽو پاليسي ۾ گڏيل قومن جي قراردادن موجب درآمدي ۽ مقامي گاڏين ۾ 62 سيفٽي اسٽينڊرڊز تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. نئين آٽو پاليسي تي ايف بي آر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت، تجارت واري وزارت ۽ قانون واري وزارت سان پڻ مشاورت جاري آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ صنعتي پيداوار واري وزارت جي وچ ۾ فور ويلرز (چار ڦيٿن وارين گاڏين) جي معيار تي اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت صنعت واري وزارت جا فور ويلرز لاءِ تجويز ڪيل معيار رد ڪري ڇڏيا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري مهرين رزاق ڀٽو جي صدارت ۾ قومي اسمبلي جي قائمہ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سندن وزارت فور ويلرز لاءِ عالمي معيار مطابق اسٽينڊرڊز ٺاهي رهي آهي. جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري چيو ته اها ذميواري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي آهي، صنعت واري وزارت جي ناهي. سائنس واري وزارت جي اختيارين موقف اختيار ڪيو ته فور ويلرز جي مينيوفيڪچرنگ لاءِ ريگوليشنز درست ناهن ٺاهيا ويا. ڪميٽي جي ڪنوينر ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وزارتون پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن، اها شرم جي ڳالهه آهي ته وزارت جي وچ ۾ سهڪار ناهي. صنعتي پيداوار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت جي اعليٰ اختيارين جي غير حاضري تي ذيلي ڪميٽي نوٽيس ورتو ۽ دستاويز مهيا ڪرڻ ۾ دير ۽ اعليٰ اختيارين جي غير حاضري تي ناراضگي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو. ذيلي ڪميٽي کي پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي (PSQCA) جي اختيارين پاران اي وي بائيڪس (اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن) تي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي وي بائيڪس لاءِ 3 هزار اسٽينڊرڊز مان 1 سئو کان وڌيڪ تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. حڪومت جون 2030ع تائين 100 ارب رپين جي سبسڊي مختص ڪئي آهي، هڪ اي وي تي صارف کي 80 هزار رپين تائين سبسڊي جي رقم فراهم ڪئي پئي وڃي. اختيارين ٻڌايو ته انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ (EDB) مجموعي طور تي 101 ڪمپنين کي 2 ۽ 3 ويلرز (ٻه ۽ ٽي ڦيٿا گاڏيون) ٺاهڻ جا لائسنس ڏنا آهن. سڄي ملڪ ۾ اي وي بائيڪس جي مينيوفيڪچرنگ ۾ مثبت لاڙو ڏٺو پيو وڃي. اڍائي لک رپين جي اي وي بائيڪ ۾ 90 هزار کان ڏيڍ لک رپين تائين رڳو بيٽري جي قيمت آهي. اي ڊي بي جي سي اي او حماد علي منصور ٻڌايو ته بائيڪس ۾ ليٿيم بيٽري جي وارنٽي 3 سال ۽ لائف (عمر) 8 سالن تائين آهي. ڪميٽي اجلاس دوران اهو انڪشاف ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ اڃا تائين اي وي بائيڪس لاءِ ڪو به چارجنگ اسٽيشن قائم ناهي ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ چارجنگ اسٽيشن لڳائڻ لاءِ 116 ڪمپنين کي لائسنس جاري ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا (ڪي پي) ۾ اهڙيون اي وي بائيڪس به آهن جيڪي پي ايس ڪيو سي اي سان رجسٽرڊ ناهن. اي وي مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندي ٻڌايو ته مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ بيٽريون اي وي بائيڪس جي رڳو 5 سيڪڙو ضرورتن کي پورو ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته بيٽرين جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 95 سيڪڙو بيٽريون درآمد ڪيون پيون وڃن. ڪميٽي هدايتون جاري ڪيون ته صوبائي اختيارين ۽ وفاقي وزارتن کي ملي ڪري اي وي بائيڪس لاءِ گڏيل رولز تي عملدرآمد ڪرائڻو پوندو، ڇو ته گهٽين ۾ به لوڪل سطح تي بيٽريون ٺهڻ شروع ٿي ويون آهن جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن. ذيلي ڪميٽي ۾ صنعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت هن عمل کي ڪنٽرول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ايندڙ اجلاس ۾ صوبائي اختيارين، توانائي واري وزارت، صنعت واري وزارت ۽ سائنس واري وزارت جي اعليٰ عملدارن کي طلب ڪيو ويو آهي. ذيلي ڪميٽي ۾ اي ڊي بي پاران اي وي بائيڪس لاءِ رولز ٺاهي عملدرآمد ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو