اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي گئس وڌيڪ 67 سيڪڙو مهانگي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا گئس اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ 100 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ گئس اگهن ۾ 300 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جي منظوري ڏني آهي. ذريعن موجب بلڪ ۾ گئس استعمال ڪندڙن لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو اگهن ۾ 900 رپيا واڌ، جڏهن ته سي اين جي سيڪٽر لاءِ في ايم ايم بي ٽي يو اگهن ۾ 170 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي ڪارخانن لاءِ به گئس جو اگهه معمولي وڌايو ويو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندي.










