ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آءِ ايس پي آر گذريل رات وزيراعظم هائوس ۾ مبينا غير معمولي سرگرمين بابت بي بي سي اردو جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آھي جاري ٿيل پڌرائي ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته برطانوي خابرو اداري جي خبر ۾ منظم ڊس انفارميشن آهي، اها رپورٽ بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، خبر جو معاملو بي بي سي انتظاميا اڳيان اُٿاريو ويندو برطانوي اداري بي بي سي پاران پاڪستان آرمي جي اھميت شخصيت کي عمران خان پاران ھٽائڻ جي حوالي سان خبر ھلائي ھئي، جنھن جي آءِ ايس پي آر پاران ترديد ڪئي آهي. رپورٽ ۾ نامعلوم سرڪاري ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي هئي 2 اهم شخصيتون نائٽ ويزن هيليڪاپٽر ۾ چاق ۽ چوبند جٿن سان گڏ آيون، عمران خان سان منو ڪلاڪ ملاقات ڪئي، جنهن بعد عمران خان آرمي چيف سميت ٻن اعليٰ فوجي آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو پر دفاع واري وزارت ان تي عمل نه ڪيو. تفصيلي رپورٽ پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.










