سنڌ جي اسڪولن ۾ تخليقي سرگرمين جي کوٽ ڇو؟

سنڌ جي اسڪولن ۾ تخليقي سرگرمين جي کوٽ ڇو؟

شھريار نواز
سنڌ جي نوجوان نسل بابت ڳالهائيندي اڪثر تعليمي معيار، امتحاني نتيجن ۽ سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگيءَ تي بحث ڪيو ويندو آهي، پر هڪ اهم سوال اڃا تائين نظرانداز ٿيندو رهي ٿو: ڇا اسان جا اسڪول ٻارن کي رڳو پڙهڻ ۽ امتحان پاس ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن، يا کين پنهنجي تخليقي صلاحيتن جي اظهار جا موقعا به فراهم ڪري رهيا آهن؟

ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ ٿيندڙ تعليمي ڪانفرنسن، مختلف ضلعن جي سرڪاري گڏجاڻين ۽ تعليمي پروگرامن ۾ شرڪت دوران مون کي ڪجھ ڳالهيون خاص طور تي محسوس ٿيون آهن. پهرين اها ته سنڌ جا ٻار پڙهڻ چاهين ٿا ۽ خاص ڪري نياڻين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو جذبو موجود آهي. ٻي ڳالهه اها ته ٻار پنهنجي ذميوارين کي سمجهن ٿا. کين ڪو پروجيڪٽ، اسائنمينٽ يا ٻيو تعليمي ڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو ان کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ محنت ڪن ٿا.

انهن مشاهدن مان اهو تاثر ملي ٿو ته ٻارن ۾ سکڻ جي خواهش ۽ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي. سوال اهو آهي ته جڏهن ٻارن ۾ صلاحيت به آهي، شوق به آهي ۽ محنت ڪرڻ جو جذبو به آهي، تڏهن اسان جو تعليمي نظام سندن شخصيت جي مڪمل اوسر لاءِ گهربل ماحول پيدا ڪرڻ ۾ پوئتي ڇو آهي؟

ٻارن سان ٿيل ملاقاتن دوران بار بار اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته اسڪولن ۽ ضلعي انتظاميا طرفان سندن تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گهربل ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي. ٻار رڳو ڪتابن ۾ لکيل سبق ياد ڪرڻ واري مشين ناهن. انهن مان ڪو سٺو ليکڪ، ڪو مصور، ڪو سائنسدان، ڪو محقق ۽ ڪو اهڙو فنڪار ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي تخليق سان سماج جي سوچ بدلائي ڇڏي. پر انهن صلاحيتن جي سڃاڻپ ۽ واڌ ويجهه لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ به تعليمي ادارن جي ذميواري آهي.

مختلف شهرن جي ٻارن جي شڪايت آهي ته ڊرائنگ سکڻ لاءِ مناسب سهولتون موجود ناهن. ڪي اسڪول اهڙا به آهن، جتي ڊرائنگ جا استاد مقرر ٿيل آهن، پر باقاعده ڪلاس نٿا هلن. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن استاد موجود آهي ته ٻار ان کان سکڻ جي موقعي کان محروم ڇو آهن؟ ڇا رڳو استاد جي مقرريءَ سان فرض پورو ٿي وڃي ٿو، يا ان استاد جي موجودگيءَ مان ٻارن کي عملي فائدو پهچائڻ به ضروري آهي؟

ساڳي صورتحال نياڻين کي هنر سيکارڻ جي حوالي سان به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ سلائي، ڪڙهائي يا ٻيا هنر سيکارڻ جا ڪلاس هلن ٿا، پر انهن کي عملي سکيا سان نه ٿو جوڙيو وڃي ته اهڙي تعليم جو مقصد ڪيئن پورو ٿيندو؟ هنر تڏهن ئي صلاحيت بڻجي ٿو، جڏهن ٻار ان کي پنهنجي هٿن سان ڪري، غلطيون ڪري، انهن مان سکي ۽ پنهنجي ڪم کي بهتر بڻائي. رڳو نظرياتي ڄاڻ ڏيڻ سان نه خوداعتمادي پيدا ٿيندي، نه ئي مستقبل ۾ روزگار جا نوان رستا کلي سگهندا.

ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه ٻارن جي لکڻ جي صلاحيتن بابت آهي. مختلف ملاقاتن ۾ ٻارن اندر لکڻ، سوچڻ ۽ پنهنجي خيالن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو شوق نظر آيو آهي. پر ڪيترن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙو ماحول موجود ناهي، جتي سندن لکڻين کي پڙهيو وڃي، انهن جي اصلاح ڪئي وڃي ۽ کين پنهنجي تخليق شايع ڪرائڻ جو موقعو ملي. آخر ڪهڙو سبب آهي جو تعليمي ادارا سال ۾ هڪ ڀيرو به پنهنجو تعليمي رسالو شايع ڪرڻ لاءِ تيار ناهن؟

هڪ اسڪول جو رسالو رڳو ڪاغذن جو مجموعو ته نه هوندو آهي؛ اهو شاگردن جي فڪر، تخيل ۽ تخليقي سفر جو دستاويز هوندو آهي. ان ۾ ٻارن جون ڪهاڻيون، مضمون، نظم، خاڪا ۽ سائنسي تجربا شامل ڪري سگهجن ٿا. اهڙي سرگرميءَ سان ٻارن ۾ لکڻ جو اعتماد پيدا ٿيندو، پڙهڻ جو شوق وڌندو ۽ انهن کي پنهنجي صلاحيتن جي سڃاڻپ ملندي. جيڪڏهن هر ضلعي ۾ شاگردن جي تخليقن تي ٻڌل ساليانو رسالو شايع ٿئي ته سنڌ جي ڪيترن ئي اڻڄاتل ليکڪن ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو.

هاڻي سوال انتظامي ترجيحن جو آهي. سنڌ جي مالي سال 2025-26ع واري بجيٽ ۾ تعليم لاءِ مجموعي طور 523.73 ارب رپين جي رقم تجويز ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ اسڪولن لاءِ مخصوص بجيٽ جي نظام تحت اسڪولن کي هم نصابي سرگرمين ۽ ٻين ضرورتن لاءِ خرچ ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. پر بجيٽ جي رقم، پاليسيءَ جي اعلان ۽ اسڪول جي عملي صورتحال ۾ فرق ختم ڪرڻ ضروري آهي. رڳو رقم مختص ڪرڻ ڪاميابي ناهي؛ ان جو صحيح استعمال ۽ ٻارن تائين ان جا نتيجا پهچڻ اصل ڪاميابي آهي.

صوبائي وزير تعليم سنڌ صاحب، اوهان کان ڪجهه بنيادي سوال آهن: جيڪڏهن اسڪولن لاءِ هم نصابي سرگرمين جي مد ۾ رقم موجود آهي ته ڇا ڊرائنگ جا ڪلاس باقاعدگيءَ سان هلي رهيا آهن؟ ڇا اسڪولن ۾ ٻارن کي هنر سکڻ لاءِ عملي سهولتون مليون آهن؟ ڇا هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ شاگردن جي ادبي رسالي جي اشاعت لاءِ ڪا واضح پاليسي موجود آهي؟ جيڪڏهن آهي ته ان تي عملدرآمد جي نگراني ڪير ڪري ٿو؟ ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا پاليسي ناهي ته پوءِ ٻارن جي تخليقي تربيت کي تعليمي منصوبابنديءَ جو حصو ڇو نه ٿو بڻايو وڃي؟

انهن سوالن جا جواب الزام تراشيءَ سان نه، پر انگن اکرن، ضلعي وار رپورٽن، اسڪولن جي بجيٽ جي تفصيلن ۽ عملي نتيجن سان ڏيڻ گهرجن. اسڪولن ۾ سرگرمين لاءِ مختص رقم ڪيتري آهي، ڪيتري خرچ ٿي، ڪهڙا ڪلاس هليا ۽ ڪيترا ٻار فائدو وٺي سگهيا؟ اهڙي ڄاڻ عوام آڏو اچڻ گهرجي ته جيئن والدين، استاد ۽ سماجي ادارا به نگرانيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر ضلعي ۾ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي سڃاڻپ لاءِ باقاعده پروگرام شروع ڪيا وڃن. ڊرائنگ جا مقابلا، لکڻ جون ورڪشاپون، اسڪولن جا رسالا، سائنسي نمائشون ۽ نياڻين لاءِ عملي هنر جا ڪلاس تعليمي سرگرمين جو لازمي حصو بڻايا وڃن. هر اسڪول جي سالياني ڪارڪردگيءَ ۾ انهن سرگرمين کي به جاءِ ڏني وڃي، جيئن انتظاميا جي ذميواري رڳو داخلا، حاضري ۽ امتحاني نتيجن تائين محدود نه رهي.

سنڌ جو نوجوان باصلاحيت آهي، پر صلاحيت کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ مناسب ماحول، رهنمائي ۽ موقعا ضروري آهن. ٻارن جي تخليقي قوت کي نظرانداز ڪري اسان سندن مستقبل جا ڪيترائي در بند ڪري ڇڏيون ٿا. تعليم جو مقصد رڳو ڊگريون ڏيڻ ناهي، پر سوچيندڙ، تخليق ڪندڙ ۽ خوداعتماد انسان پيدا ڪرڻ به آهي.

وزير تعليم سنڌ صاحب، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻارن جي صلاحيتن بابت ٿيندڙ تقريرن کان اڳتي وڌي عملي نتيجا ڏيکاريا وڃن. سنڌ جي ٻارن کي رڳو ڪتاب، ڪلاس روم ۽ امتحان نه، پر پنهنجا خيال لکڻ، پنهنجا رنگ ڀرڻ، پنهنجا هنر سکڻ ۽ پنهنجي تخليق دنيا آڏو پيش ڪرڻ جا موقعا به گهرجن. ڇا لاڳاپيل کاتو ان ذميواريءَ کي پنهنجي تعليمي ترجيحن ۾ مناسب جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ اهو سوال اڄ به جواب جو منتظر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو