جنهن به توهين عدالت ڪئي انهي کي سزا ڏني وڃي: بيرسٽر گوهر

جنهن به توهين عدالت ڪئي انهي کي سزا ڏني وڃي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد:(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ جي حوالي سان جنهن به توهين عدالت ڪئي آهي انهي کي سزا ڏني وڃي.سپريم ڪورٽ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته چيف جسٽس سان ملاقات جي لاءِ آيا هئاسين پر مصروفيت سبب ملاقات نه ٿي سگهي. رجسٽرار سپريم ڪورٽ سان منهنجي ۽ لطيف کوسي جي ملاقات ٿي. رجسٽرار بينچ جي جوڙجڪ جي حوالي سان يقين ڏياريو آهي، آن لائن به بينچ جي جوڙجڪ ٿي سگهي ٿي. اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جلد ٻڌڻي مقرر ڪندي.هن چيو ته باني پي ٽي آءِ کي ڪابه ڊيل نه گهرجي، باني کي هڪ منٽ به اسپتال ناهي رهڻو صرف ٽيسٽ ڪرائڻا آهن، ڊيل ڪرڻي هجي ها ته باني 3 سال قيد نه ڪاٽي ها.بيرسٽر گوهر چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪنهن جي ويجهو ناهي پر اهو 4 ڪروڙ عوام جو چيف ايگزيڪٽو آهي. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير باني جو چونڊيل ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته آهي. باني پي ٽي آءِ کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. اسان کي انهي معاملي تي سياست ناهي ڪرڻي، باني جو ٽيسٽ ڪرايو، انهي کي اسپتال منتقل ڪريو اهو انهي جو آئيني حق آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم واضح هو ته هڪ بورڊ بڻجندو جنهن ۾ باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ به شامل هوندي. اڃان تائين سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو عمل ڪرڻ جوڳو آهي. اوهان انهي کي اسپتال منتقل ڪري سگهو ٿا. خدا کي مڃو باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي جي صحت کي سنجيده ورتو وڃي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان پي ٽي آءِ باني جي ڪري مشهور آهيون، سهيل آفريدي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت جيڪو بيان ڏنو هو اهو صحيح آهي، جنهن به روڪيو سهيل آفريدي انهي بابت ڳالهه ڪئي آهي. سهيل آفريدي جي هڪ جملي کي گهمائي ڦرائي اصل مدي تان هٽايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو