سي اي اي جا 2 اهم ادارا اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

سي اي اي جا 2 اهم ادارا اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ايوي ايشن انڊسٽري جي ٻن اهم ادارن پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جا هيڊڪوارٽر ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٻنهي ادارن جا عارضي هيڊڪوارٽر اسلام آباد ايئرپورٽ تي قائم ڪيا ويندا، جنهن لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيسرن تي ٻڌل 7 رڪني گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ايئرپورٽس اٿارٽي صادق رحمان کي گڏيل ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ڪميٽي اسلام آباد ايئرپورٽ تي عارضي هيڊڪوارٽرز جي تعمير لاءِ مناسب هنڌ جي چونڊ ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي کي نومبر ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي کي ڊسمبر تائين اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو. واضح رهي ته پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جا موجوده هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ قائم آهن، جڏهن ته ٻنهي ادارن جا علائقائي آفيسون ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ اڳ وانگر قائم رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو