سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جديد انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي

سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ جديد انداز ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي تحفظ، واڌاري ۽ ترقيءَ سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ کي هدايت ڪئي ته ترجيحي بنيادن تي جديد انداز سان ٻوليءَ جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته جيسيتائين اسان پنهنجي ٻوليءَ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ نه ڪري سگهنداسين ته اسان گهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهنداسين. صوبائي وزير کي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي مختلف سرگرمين، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي رٿائن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، تدريس، تحقيق ۽ عام ماڻهن تائين سنڌي ٻوليءَ جي سکيا کي پهچائڻ لاءِ ادارو مختلف شعبن ۾ سرگرم عمل آهي. چيئرمين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ملڪ جي مختلف هنڌن تي هلندڙ سنڌي سکيا مرڪزن بابت پڻ صوبائي وزير کي آگاهي ڏني. هن ٻڌايو ته انهن سکيا مرڪزن وسيلي مختلف عمرن ۽ شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي سنڌي ٻولي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌي ٻولي سکڻ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي باقاعده ڪورسن ذريعي سنڌي ٻوليءَ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن سلسلي کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا جا موقعا ملڪ جي ٻين شهرن تائين پهچائڻ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ صوبائي وزير کي اداري پاران سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تحقيق، اشاعت، تدريس ۽ ترويج لاءِ کنيل مختلف قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ مستقبل ۾ شروع ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيل نين رٿائن بابت تفصيل پيش ڪيا. هن چيو ته موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جديد علم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ اداري پاران مختلف منصوبن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ملاقات دوران سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ۽ علمي تحقيق کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پڻ اهم ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه کي وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ جي نگرانيءَ هيٺ ميرپورخاص ضلعي ۾ ٿيل ادبي تحقيق بابت نعيمه بانو لاشاريءَ جي تيار ڪيل ايم.فل ٿيسز پڻ پيش ڪئي. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ چيو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي مختلف پاسن تي ٿيندڙ علمي ۽ تحقيقي ڪم کي محفوظ ڪرڻ ۽ ان کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ ثقافتي ورثي بابت تحقيق نه رڳو علمي حوالي سان اهميت رکي ٿي، پر اها سنڌي سماج جي فڪري ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي سمجهڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سرگرمين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، تحقيق ۽ واڌاري لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ۽ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي ترقيءَ لاءِ هر ممڪن سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ، سنڌي ادب جي نون منصوبن تي ڪم ڪرڻ ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو