صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل سنڌ جو آئيندو!

صدمي ۽ ڪاوڙ ۾ ورتل سنڌ جو آئيندو!

امداد علي سنديلو
سنڌ ھڪ دفعو ٻيھر تاريخ جي انتھائي ڏکي ۽ نازڪ دور ۾ داخل ٿي وئي آھي، سنڌ جي وحدت تي سنڌ واسين جا جيءَ جھري پيا آھن پر سندن انتھائي قابل ذڪر گنڀير سوال بھ اڀا ڪري وڌا آھن. وفاقي وزير جي بيان ڏيڻ واري ڏينھن کان وٺي ھر سنڌي مايوس ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي، ماڻھو اھو بھ سوال ڪن ٿا تھ ھاڻي ملڪ ۾ سنڌين جو ڇا ٿيندو. سنڌين جو ڪھڙو مستقبل آھي، ڇا سنڌ تاريخ جي ڪنھن انوکي بحران مان گذري رھي آھي جنھن مان نڪرڻ لاءِ رستو تلاش ڪرڻو آھي، پنھنجي آئيندي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪھڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گھرجي.
سنڌ جي آئيندي جي رٿابندي وقت جي سمجھدار ماڻھن جو ھاڻي اولين فرض آھي، س نڌ جي گھڻ گھرن تي وقت اھا ذميواري عائد ڪئي آھي تھ ھو ڪوما ۾ ويندڙ قوم کي زندگي ڏانھن ويندڙ دڳ ڏسين ۽ توانائي کي مايوسيءَ جي دٻڻ ۾ دٻجي وڃڻ کان بچائن، ھن صورتحال ۾ وڃڻ کان اڳ مڙني ساڃاھھ وندن ۽ سماجي، سياسي ڌرين کي قدم کڻڻ گھرجن.
ھن وقت سنڌ صوبي تي ۽ گڏوگڏ پيپلز پارٽي تي ڏکيو وقت آھي جيئن تھ ھو سنڌي عوام جي نمائندھ پارٽي آھي انڪري ان جو ساٿ ڏيڻ گھرجي. انھيءَ ساٿ جا ٻھ مرحلا ھجن، اليڪشن کان اڳ ۽ اليڪشن کانپوءِ، اليڪشن کان اڳ پيپلز پارٽي جي اخلاقي مدد ڪرڻ گھرجي تھ جيئن اھا سنڌ ۾ عوام جي ھڪ نمائندھ پارٽي طور مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري سگھي. اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي مستقل مفاد کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي وحدت، وسيلن، اقتدار، صنعتڪارن، صحت، تعليم بابت چٽو موقف رکڻ گھرجي. پھريان تھ اسان جي اڳيان پنھنجو مقصد چٽو ھئڻ گھرجي ان کانپوءِ اھڙين سرگرمين جي چونڊ ڪرڻ گھرجي جيڪي ھڪ ٻئي سان جڙيل ھجن پر اھي اھڙيون ھجن جن تي عمل ٿي سگھي ۽ اھي عوام جي صلاحيت ۽ تجربي کان بالاتر نھ ھجڻ گھرجن. جيڪڏھن انھيءَ ڳالھھ جو خيال نھ رکيو ويو تھ پوءِ اھي سرگرميون عملي سرگرمين جو روپ وٺي نھ سگھنديون.
اسان کي اھڙيون سرگرميون نھ ڪرڻ گھرجن جنھنجو اسانجي عوام کي تجربو ناھي انڪري اسان کي پر تشدد ڪاررواين کان بچندي احتجاج جا پرامن طريقا استعمال ڪرڻ گھرجن، ھن وقت تائين دنيا جون ڪيتريون ئي قومون احتجاج يا پرامن طريقا اپنائي پنھنجا مقصد حاصل ڪري چڪيون آھن. بينظير ڀٽو جي شھادت کانپوءِ انھن مان ڪيترن ئي طريقن تي عمل ڪري سگھجي ٿو، مثال طور ساڃاھھ وندن کي احتجاج طور سرڪار جي مختلف عھدن تان رضاڪاراڻھ طور کيس استعيفائون ڏيڻ کپن ۽ مراعتن کي ٿڏي ڇڏڻ گھرجي.
اسان سنڌ جي وحدت جي غم کي عوامي سگھھ ۽ طاقت کي عمل ۽ سرگرميءَ جي ضرورت ھوندي آھي، سڄي دنيا ۾ ڪمزور ۽ سياسي طرح غير منظم قومون اھڙيون سرگرميون چونڊينديون آھن جيئن ھو دشمن جي سازش جو حصو نھ بڻجي سگھن انڪري انھيءَ واٽ تي ھلڻ لاءِ ڪي اصولي قاعدا جوڙينديون آھن.
جيستائين ڪنھن بھ چئلينج کي سندس مڪمل پسمنظر ۽ پيش منظر تحت قبول نھ ڪيو ويندو تيستائين انھيءَ لاءِ گھربل تياري نھ ڪري سگھبي، انڪري ھڪ قوم طور اسين سنڌ جي وحدت کي نھ رڳو ھڪ قومي چئلينج سمجھون پر چئلينج جي قبوليت، اسين پنھنجي گڏيل سياسي، سماجي سرگرمي جنھنجو اظھار اسان سڀني سنڌين کي متحد ٿي ڪرڻ گھرجي تھ جيئن سنڌي ان تي فخر محسوس ڪري سگھن.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي غيرملڪين ڪاھھ ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ڦرمار ڪري لٽيو ۽ ماريو آھي تن ۾ ارغون، ترخان، غزنوي، غوري، مغل ۽ انگريز قابض ٿي سنڌين جو رت وھايو ۽ زمينن تي قبضا ڪري انھن کان حق ڇنيو ويو.
سنڌ جي تاريخ توڙي پياري پاڪستان جي تاريخ ۾ 4 واقعا دل جي رت سان لکيا ويا آھن. 1979ع ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيڻ، 1985ع ۾ سندس نوجوان پٽ شاھنواز ڀٽو کي فرانس ۾ زھر وسيلي مارڻ ۽ 1996ع ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي اھلڪارن ھٿان گولين جو کاڄ بڻائڻ، 2007ع ۾ بينظير ڀٽو کي راولپنڊي لياقت باغ ۾ 27 ڊسمبر جلسي ڪرڻ بعد وچ ماڻھن جي ھجوم ۾ گولين جو نشانو بڻايو ويو.
ملڪ پاڪستان سان پيار ڪندڙ سنڌي ليڊر اندروني ۽ بيروني سازش جو شڪار ٿيا. مظلوم اللھ جو خاص ٻانھو ٿي ويندو آھي، ھن جو مرتبو وڌي ويندو آھي، ظلم حقارت ڀريل ۽ ڌڪاريل ھوندو آھي، مظلومن سان گڏجي سچائي جو الم کڻي حق ۽ سچ جو مان مٿاھون ڪريون.
خدا ڪرم جي بارش ڪري اسان سڀ گڏجي وڃون، ماءُ ھر اولاد جي ماءُ ھوندي آھي پر ھر اولاد ماءُ سان ماءُ سمجھي نھ نڀائيندو آھي، اچو اسان سڀ گڏجي ماءُ جو حق ادا ڪريون. اڄ سنڌ جي وحدت جا دشمن آھن، توھان وساري نھ ويھو، سڀاڻي ھو توھان جي رت جا پياسا بڻجندا اچو سڀ سنڌي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ھڪ صف ۾ گڏ بيھون. ھي طوفان صرف ھڪ جماعت لاءِ نھ آھي، توھان بھ نيست نابود ٿي سگھو ٿا. اچو سچ کي فتح ڏياريون، ڪوڙ، ڪروڌ کي ختم ڪريون. سڀ ملي ھن ڪاري رات جي شھيدن جي لھو سان ريٽيل رت جا ڏيئا ٻاريون. اھا ذميواري سنڌ جي ھر جماعت تي عائد ٿئي ٿي تھ اھو اھڙي منفي پروپئگنڊا جو مقابلو ڪري ۽ بحران جي ھن دور ۾ ڪنھن بھ امڪاني نظرياتي نقصان کان سنڌ کي بچائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو