اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ زرعي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ زرعي ۽ غذائي تحفظ جي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ بابت ڪامياب ڳالهيون ٿيون آهن.گڏيل پڌرائي موجب سعودي وزير ماحوليات عبدالرحمان اي الفضلي جي اڳواڻي ۾ سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، سعودي وفد 26 کان 28 آگسٽ تائين اسلام آباد جو دورو ڪيو، وفد ۾ ماحوليات واري وزارت، پاڻي، زراعت، جنرل فوڊ سيڪيورٽي اٿارٽي ۽ لاڳاپيل ادارن جون اختياريون شامل هيون.پڌرائي موجب ٻنهي ملڪن انهي ارادي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي سعودي عرب لاءِ برآمدات کي 3 ارب ڊالر تائين پهچايو ويندو. ايندڙ ٻن سالن جي دوران برآمدات جي حدف کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي وفد ملاقات ڪئي ۽ امڪاني تعاون تي ڳالهيون ڪيون، پاڪستان جي طرفان وفد جي قيادت وفاقي وزير فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير حسين ڪئي. دوري ۾ پاڪستان، سعودي عرب ايگريڪلچر اينڊ فوڊ اسٽريٽجڪ پلان تي بريفنگون ٿيون. سعودي وفد ايس آئي ايف سي، فوجي فائونڊيشن، پاڪ سعودي ايگري بزنس فورم جو دورو ڪيو. سعودي وفد نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر جو دورو به ڪيو. ڌرين پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ارادو ڪيو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان 2025 ۾ سعودي عرب درآمدي منڊي کي تقريبن 169.000 ٽن چانور فراهم ڪيا. پاڪستاني برآمدي چانورن جي ماليت تقريبن 163 ملين ڊالر هئي. سعودي وفد ايندڙ سالن ۾ چانور جي ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.پڌرائي موجب سعودي وفد پاڪستان کان ڳاڙهي گوشت جي درآمد کي ٻيڻو ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. فروٽ ۽ انهي جي ڪنسنٽرينٽس جي باري ۾ پاڪستان جي برآمدي حصي کي وڌيڪ وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪيو ويو. سعودي وفد سائي چاري جي ڊگهي مدي جي سپلائي پارٽنرشپ جي قيام لاءِ اميد ڏيندڙ شعبو قرار ڏنو. ڌرين بکر پنجاب ۾ آبپاشي پروگرام جي پهرين مرحلي جي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي آجيان ڪئي. سعودي وفد پاڪستان کي انٽرنيشنل ڊيٽس ڪونسل ۾ شموليت جي به دعوت ڏني.










