فدا حسين ملڪ
استد ڪنھن بھ قوم جو معمار ھجي ٿو جيڪو پنھنجي پيشي کان علاوھ قومن جي تعمير نو م ھڪ بنيادي ٿنڀ جڳ ھيثيت رکي ٿو.هر سال 5 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. يونيسڪو 1994ع کان هن ڏينهن کي ملهائڻ جي شروعات ڪئي، ته جيئن استادن جي رتبي بابت منظور ٿيل عالمي سفارشن کي ياد ڪيو وڃي. هن سال يونيسڪو 2026ع جي استادن جي ڏينهن جو موضوع استادن سان گڏ: پيشي جي تحفظ، ان جي رتبي جي واڌاري ۽ اسان جي مستقبل جي جوڙجڪ جي سال طور رکيو ويو آهي.
اسان جي ثقافت ۾ استاد کي روحاني پيءُ سڏيو ويو آهي، جيڪو ڪچي مٽيءَ کي گهڙي انسان بڻائي ٿو. پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ ۾ استاد کي اهو مانُ مرتبو حقيقي معنائن م حاصل بھ آهي؟ ۽ ڇا اسان جو تعليمي نظام اهڙو آهي، جو استاد ان ۾ سڪون ۽ عزت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي؟ هي ڏينهن بنيادي طور تي اسان کي گلن جي هارن تقريرن ڪرڻ ۽ ڪيڪ ڪٽڻ بدران پنهنجي تعليمي نظام جي اونهي ڪٿ ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
ان حقيقت کان ڪير بھ باشعور فرد انڪار نھ ڪندو تھ سنڌ جو تعليمي نظام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زبون حاليءَ جو شڪار آهي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن جي 2023-24ع واري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ پنجن کان سورهن سالن تائين جا 73 لک 93 هزار ٻار، يعني هن عمر جا 44 سيڪڙو ٻار، اسڪولن کان ٻاهر آهن. انهن ۾ نياڻين جو انگ 39 لک 53 هزار آهي، يعني هر سؤ مان 49 نياڻيون اسڪول کان ٻاهر آهن، جڏهن ته ڇوڪرن ۾ اها شرح 39 سيڪڙو آهي. آدمشماري 2023ع جي سنڌ واري رپورٽ ۾ اهو انگ 78 لک 18 هزار، يعني 46 سيڪڙو کان به مٿي ڄاڻايو ويو آهي، جن مان 66 لک ٻار ڪڏهن اسڪول ويا ئي ناهن. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ 60 سيڪڙو ٻار ۽ ڳوٺاڻين نياڻين مان 68 سيڪڙو اسڪول کان ٻاهر آهن. يونيسيف مطابق سڄي پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو انگ 2 ڪروڙ 51 لک آهي، جيڪو دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آهي.
سنڌ م ھن مھل تائين بھ ڪيترائي سرڪاري اسڪول بند پيا آهن، ڪي رڳو ڪاغذن ۾ هلن ٿا ۽ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وري هڪ ئي استاد ڇهن درجن کي ھڪ ئي ڪلاس م پڙهائڻ تي مجبور آهي. ڪٿي عمارت ڀڳل آهي، ڪٿي چوديواري ناهي، ڪٿي پيئڻ جو پاڻي ۽ بيت الخلا ناهن تھ ڪٿي وري اسڪول وريون بنيادي سھولتون ئي ميسر نھ آھن. 2022ع جي ٻوڏن ۾ ڊٺل 14 هزار 343 اسڪول ينئر بھسون جي تعداد م مرمت جا منتظر هئا.
سنڌ ۾ خواندگيءَ جي شرح ۾ واڌارو ضرور ٿيو آهي، پر ان جي رفتار تمام سست آهي. پاڪستان بيورو آف شماريات جي آدمشماريءَ جي انگن مطابق 1981ع ۾ سنڌ جي خواندگي 31.45 سيڪڙو هئي، جيڪا 1998ع ۾ 45.29 سيڪڙو، 2017ع ۾ 54.57 سيڪڙو ۽ 2023ع ۾ 57.54 سيڪڙو ٿي. يعني 1998ع کان 2023ع تائين پنجويهن سالن ۾ رڳو ٻارهن سيڪڙو واڌارو ٿيو ۽ 2017ع کان 2023ع تائين ڇهن سالن ۾ اهو واڌارو ٽن سيڪڙن کان به گهٽ رهيو.
سنڌ م عورتن جي خواندگي 1981ع ۾ 21.64 سيڪڙو هئي، جيڪا 2023ع ۾ 50.21 سيڪڙو ٿي. ڳوٺاڻين عورتن جي خواندگي 1998ع ۾ رڳو 12.23 سيڪڙو هئي، جيڪا وڌي 2023ع ۾ 27.52 سيڪڙو ٿي، پر اڄ به هر چئن ڳوٺاڻين عورتن مان ٽي پڙهي لکي نٿيون سگهن. شهري سنڌ جي خواندگي 72.26 سيڪڙو آهي ته ڳوٺاڻي سنڌ جي رڳو 38.14 سيڪڙو، يعني شهر ۽ ڳوٺ ۾ اڄ به عورتن جي خواندگي جو فرق ٻيڻ کان بھ وڌيڪ آهي. پاڪستان جي اقتصادي سروي26 – 2025ع مطابق 25- 2024 ع ۾ سنڌ جي خواندگي 58 سيڪڙو هئي، جڏهن ته پنجاب جي 68 ۽ سڄي ملڪ جي 63 سيڪڙو هئي. ساڳي سروي ۾ سنڌ جي عورتن جي خواندگي 47 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻين عورتن جي رڳو 24 سيڪڙو ڄاڻائي وئي آهي.
گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي 2021 م سنڌ م آئي بي اي جي ٽيسٽن وسيلي نج ميرٽ تي نوي ھزار کان مٿي استادن جون ڀرتيون تھ ڪيون آھن جيڪو ھڪ بھترين عمل آھن پر گڏوگڏ تعليم کاتي طرفان اصلاحات جي نالي تي ڪيتريون ئي نيون پاليسيون ۽ ڊجيٽل سرشتا پڻ متعارف ڪرائي هر نئين پاليسيءَ سان گڏ شفافيت، ميرٽ ۽ سڌاري جا وڏا دعوا ڪيا ويا آھن، پر زميني حقيقتن تي انهن جو نتيجو گهڻو ڪري استادن لاءِ نيون مشڪلاتون پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ نڪتو آهي.
ڪلسٽر پاليسيءَ تحت ڪيترن ئي اسڪولن کي هڪ مرڪزي اسڪول سان ڳنڍيو ويو آھي ۽ ان جي هيڊ ماستر کي مالي ۽ انتظامي اختيار ڏنا ويا آھن. ڪاغذن تي اها اختيارن جي ورڇ تھ آھي پر پر عملي طور ننڍن پرائمري اسڪولن جا هيڊ ماستر پنهنجي اختيارن کان محروم ٿي ويا ۽ مرڪزي اسڪول جي هيڊ ماستر تي ڏهن ڏهن اسڪولن جو بار وڌي ويو آھي يعني هڪ ئي هيڊ ماستر کي پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائڻو به آهي، ٻين اسڪولن جي نگراني به ڪرڻي آهي ۽ فنڊن جو حساب ڪتاب به رکڻو آهي انکانسواءِ اختيارن جي منتقلي هن پاليسيءَ کي اڃا تائين مونجھارن م رکيو آھي.
15 جنوري 2026ع تي پرائمري ۽ جونيئر استادن جي بدلين لاءِ آن لائين اي ٽرانسفر سرشتو شروع ڪيو ويو ۽ دعوي ڪئي وئي ته هاڻي سفارش ۽ رشوت جو خاتمو ٿيندو. پر پهرئين مرحلي ۾ ئي ٻن هزارن کان وڌيڪ مقررين ۽ بدلين جا آرڊر جيڪي نڪتا انھن تي بھ سوال اٿڻ شروع ٿي ويا ۽ اي ٽرانسفر جو ٻيو مرحلو فني خرابين سبب رڪجي ويو. استادن ۾ اها شڪايت عام آهي ته پروفائل درست ڪرائڻ ۽ نو ڊيوز، نو انڪوائري جهڙا لازمي سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ ضلعي آفيسن ۾ اڄ به کيسا گرم ڪرڻا پون ٿا. جيڪو استاد پئسا نٿو ڏئي، ان جي فائل مهينن تائين ميز تي پيئي رهي ٿي يعني رشوت ختم نه ٿي، رڳو ان جو طريقو بدلجي ويو آهي.
استدن جي مقررين ۽ بدلين جا فيصلا بھ ضلعي ۽ ڊويرن سطح کان ختم ٿيل آھن ۽ بدليوين مقرريون هاڻي گهڻو ڪري ڪراچيءَ ۾ ويٺل عملدارن ۽ سرشتن وسيلي ڪيون وڃن پيون جنھن سبب زميني حقيقتن م جتي جتي استدن جي ضرورت پوي ٿي اتي استاد صلعي توڙي ڊويزن سطح جو آفيسر بھ مقرر نٿو ڪري سگھي. ڪراڇي واسي بيوروڪريسي زميني حقيقتن کان واقف نھ ھجڻ سبب ڪيترائي مسئلا ٿين ٿا ڪيترن ئي استادن، خاص ڪري فيميل ٽيچرزکي گهرن کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري مقرر ڪيو وڃي ٿو، جتي نه سواري آهي ۽ نه تحفظ ۽ ماضي م ڦر جا واقعا بھ ميڊيا جي زينت بڻجندا رھيا آھن ۽ ڪيترائي استاد پڻ ڦر جي واقعن کي منھن ڏيندا رھيا آھن ۽ انجي مرڪزي نظام سبب نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪنهن اسڪول ۾ ضرورت کان وڌيڪ استاد آهن ته ڪو اسڪول استاد نه هجڻ سبب بند پيو آهي.
سنڌ م استادن جي حاضريءَ لاءِ پهريان بايوميٽرڪ مشينون لڳايون ويون. هاڻي 17 آگسٽ 2026ع کان سنڌ جي ڇهن ضلعن ۾ چهري جي سڃاڻپ واري فريمز ايپليڪيشن آزمائشي طور لاڳو ڪئي وئي آهي. حاضريءَ جي نگراني پنهنجي جاءِ تي ضروري آهي ۽ ڪو به ايماندار استاد ان جو مخالف ناهي، پر شروعات ۾ ئي ڏهن هزارن کان وڌيڪ استاد رجسٽريشن ئي نه ڪري سگهيا. ڏورانهن ڳوٺن ۾ موبائل سگنل ناهن، جاءِ جي نشاندهي غلط اچي ٿي ۽ ٻين کاتن جي ڊيوٽين تي موڪليل استاد به غير حاضر ڄاڻايا وڃن ٿا، جن جون پگهارون ڪٽجڻ جو ڊپ رهي ٿو. استاد کي پنهنجي کيسي مان مهانگو موبائل ۽ انٽرنيٽ پئڪيج وٺڻو پوي ٿو ۽ پائلٽ پروجيڪٽ جي دوران ئي ھزارين مسئلا روزانھ جي بنياد تي استاد ڀوڳي پيو رڳو 25 سيپتمبر تي ايپليڪيشن جي فنت خرابي سبب 4200 مان 2650 استادن کي غير حاضر ظاھر ڪيو ويو جيڪو خود ھن سسٽم جي شفافيت ۽ انجي ٽيڪنيڪل مھارت تي ڪيئي سوال اٿاري ٿو.
سنڌ حڪومت پوئين سال ھڪ بھترين قدم کنيو تھ سنڌ جي پوٽيھ ھزار کان مٿي اسڪولن کي سڌي بجيٽ ڏني وئي ۽ انھي اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ جو مقصد اهو هو ته هر اسڪول پنهنجي ضرورت مطابق رقم خرچ ڪري سگهي، پر عملي طور ھڪ تھ اھي فنڊ مالي سال جي پڇاڙيءَ ۾ جاري ڪيا ويا ٻيو وڏو الميو اهو سامھون آيو تھ بلن جي منظوريءَ لاءِ سموري سنڌ جي ضلعي ٽريزري آفيسن م ڪميشنون ورتيون ويون ۽ سامان ڏيندڙ وينڊرن بھ سڪراري مقرر ڪيل ڪميشن کان وڌيڪ پئسا ورتا جنھن جو ذڪر سنڌ اسيمبلي جي اجلاس م اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي کليل لفظن م سردار شاھ اڳيان ڪيو تھ اوھان جي نيت تي شڪ ناھي پر جيڪي آفيسن م بابو ۽ ڪميشن مافيا ويٺل آھن انھن کي رڪڻ لاءِ بھ عملي قدم کڻو ۽ ائين ئي سموري سنڌ م اسڪول تائين پهچندڙ رقم گهٽجي اڌ ٿي وئي پر وري حساب ڪتاب جو سمورو بار هيڊ ماستر جي ڪلهن تي وڌو ويو آھي ھينئر استادن کي سنڌ جي مختلف ضلعن م نوٽسس موڪلي کاائن پڇاڻا ڪيا پيا وڃن ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتو انهن ادارن ڏانهن ڏسڻ يا انھن کان پڇاڻو ڪرڻ بدران جتي بدعنواني باقاعدي ھڪ عام رواجي نظام طور هلي ٿي، الٽو استادن ۽ هيڊ ماسترن کان ئي پڇا ڳاڇا ڪري ٿو. ٿورڙي اسڪول بجيٽ جي ڪاغذن تي هيڊ ماسترن کي نوٽيس ڏنا وڃن ٿا، پر جن آفيسن ۾ هر بل تي ڪميشن مقرر آهي، انهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. هي اهڙو ئي آهي، ڄڻ چور کي پڪڙڻ بدران ڦرجي ويل ماڻهوءَ کان حساب ورتو وڃي. جيستائين بدعنوانيءَ جي پاڙن م هٿ نه وڌو ويندو، تيستائين استادن کي ھراسان ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.
اسان جي سماج ۾ تعليمي تباهيءَ جو سمورو بار استاد جي ڪلهن تي رکيو وڃي ٿو. آدمشماري، چونڊون، پوليو مهم ۽ مختلف سروي استادن کان ڪرايا وڃن ٿا، پوءِ ساڳئي استاد کي ڪلاس ۾ غير حاضر هجڻ تي سزا ڏني وڃي ٿي. ٻين کاتن جا عملدار، جن جو تعليم سان سڌو واسطو ناهي، اسڪولن تي اوچتا ڇاپا هڻي ٻارن جي سامهون استادن ۽ هيڊ ماسترن جي جھڙي طرح پڇاڻا ڪن ٿا ۽ سندن وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي رکن ٿا ۽ بنا ڪنهن تحقيق جي شوڪاز نوٽيس ۽ معطليءَ جا حڪم جاري ڪن ٿا ان سان استاد جو استحقاق ضرور مجروح ٿئي ٿو. هيڊ ماستر کي عمارت، داخلائن، فنڊن ۽ صفائيءَ جو ذميوار ته بڻايو وڃي ٿو، پر نه کيس اختيار ڏنو وڃي ٿو ۽ نه وسيلا. مٿان ترقين ۾ سالن جي دير، پگهارن جي رڪاوٽ، پينشن جي ڪيسن ۾ خواري ۽ تربيت جي کوٽ استادن کي مايوسيءَ ڏانهن ڌڪي رهيون آهن. حيرت جي ڳالھ اھا آھي تھ سنڌ جو پرائمري استاد جيڪو تعداد م ڏيڊ لک کان مثي آھي ۽ پرائمري تعليمي نظام جو بار ڪلھن تي کنيو بيٺو آھي ھينئر بھ پنھنجي بنيادي سرورس اسٽرڪچر خاطر سالن کان حڪومت آڏو دانھون ڪري پيو پر ھن مھل تائين کيس انھي سروس اسٽرڪچر کان محروم رکيو ويو آھي جنھن سبب استاد تنظيمون پڻ ھينئر احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي پيون آھن.استاد انھي عتاب کان علاوھ ٻيو وڏو عذاب نام نهاد عطائي صحافين جي حراسانين جو ڀوڳي پيو ، جيڪي ڪئميرا ۽ مائڪ کڻي اسڪولن ۾ گهڙي اچن ٿا، ٻارن جي سامهون استادن کان سوال جواب ڪري کين حراسان ڪن ٿا ۽ ڪيترين ئي حالتن ۾ ڌمڪيون ڏئي پئسن جي به گهرڪن ٿا ۽ وري سندن پاران اڌوريون ۽ ڪٽيل وڊيوز سوشل ميڊيا تي رکي استاد جي پيشي کي بدنام ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ نه صحافتي اصولن جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ نه ڪنهن جي عزت نفس جو. ڪنهن استاد کي موڪل تي هجڻ يا سرڪاري ڪم سان ٻاهر وڃڻ باوجود گهر ويٺي پگهار کڻندڙ يا گوسڙو سڏي ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ ان جو موقف ٻڌڻ جي تڪليف به نٿي ڪئي وڃي. سچي ۽ بي باڪ صحافت سماج جو آئينو آهي ۽ تعليمي خامين کي سامهون آڻڻ ان جو پڻ بنيادي حق آهي، پر بليڪ ميلنگ ۽ ڪردار ڪشيءَ کي صحافت چوڻ هن معتبر پيشي سان به ناانصافي آهي ۽ اڄ جو استاد انھي حراساني کي بھ روزاني جي سطح تي منھن ڏئي پيو.
ھڪومت طرفان تعليمي سڌارن بابت عملي طور پنھنجي پاليسين کي بهتر بڻائڻ بدران سماج ۾ اهو بيانيو ٺاهيو پيو وڃي ته تعليمي نظام کي رڳو استادن برباد ڪيو آهي ۽ پاليسيون ٺاهيندڙ، بجيٽ ورهائيندڙ، عمارتون ٺاهيندڙ ۽ مقرريون ڪندڙ سڀ هن بحث مان غائب آهن ۽ هر ناڪاميءَ جو الزام استاد تي مڙهيو وڃي ٿو. هن بيانيي استاد جي سماجي مانُ کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جو اڄ ٻار به پنهنجي استاد کي اڳ واري عزت سان نٿا ڏسن ۽ قابل نوجوان هن پيشي ڏانهن اچڻ کان ڪيٻائين ٿا. جيڪڏهن استاد جو مانُ ئي نه رهيو ته ڪلاس روم ۾ سکيا جو ماحول ڪيئن قائم رهندو؟انصاف جي ڳالهه اها به آهي ته اسان استادن کي به پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. ڪجهه استادن جي غير حاضري ۽ غفلت سڄي برادريءَ جي نيڪ نامي کي ڌڪ رسايو آهي، پر چند ماڻهن جي ڪوتاهيءَ جي سزا سڄي پيشي کي ڏيڻ ڪنهن به طرح انصاف ناهي. استاد جو مانُ تڏهن ئي بحال ٿيندو، جڏهن اسين پاڻ ٻار جي سکيا کي پنهنجو پهريون فرض سمجهنداسين ۽ رياست به استاد کي شڪ بدران ڀروسي جي نظر سان ڏسندي.جن قومن تعليم ۾ نالو ڪمايو آهي، انهن سڀ کان پهريان استاد کي مضبوط ڪيو آهي. ورڪي فائونڊيشن جي 2018ع واري عالمي استادن جي رينڪنگ انڊيڪس ۾ پنجٽيهن ملڪن جي ڀيٽ ۾ چين پهرئين ۽ ملائيشيا ٻئي نمبر تي آيا، جتي عام ماڻهو استاد کي ڊاڪٽر جي برابر سمجهن ٿا. چين ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته شاگرد پنهنجي استادن جي عزت ڪن ٿا، جڏهن ته سڀني ملڪن جي سراسري شرح رڳو 36 سيڪڙو هئي. ساڳي رپورٽ موجب جن ملڪن ۾ استاد جو رتبو مٿاهون آهي، اتي شاگردن جا عالمي امتحانن ۾ نتيجا به بهتر آهن. جرمنيءَ ۾ استادن جي پگهار سوئٽزرلينڊ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ هئي.فنلينڊ جو تعليمي نظام دنيا ۾ مثالي سمجهيو وڃي ٿو، جتي استاد ٿيڻ لاءِ ماسٽرز جي سند لازمي آهي. فنلينڊ جي قومي تعليمي اداري مطابق پرائمري استادن جي تربيتي پروگرام ۾ درخواست ڏيندڙن مان رڳو ڏهه يارهن سيڪڙو داخلا وٺي سگهن ٿا ۽ اهو مقابلو طب ۽ قانون کان به سخت آهي. ڏکڻ ڪوريا پنهنجا استاد يونيورسٽين جي چوٽيءَ جي پنجن سيڪڙن شاگردن مان چونڊي ٿو. فنلينڊ ۾ استاد تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو، کيس نصاب ۽ پڙهائڻ جي طريقي ۾ آزادي ڏني وڃي ٿي ۽ ان کان ڪاغذي ڪارروائيءَ بدران سکيا جو حساب ورتو وڃي ٿو.
پر اها ڳالهه به ڌيان طلب آهي ته معاشي تعاون ۽ ترقيءَ واري تنظيم جي 2024ع واري عالمي سروي ۾ سراسري طور رڳو 22 سيڪڙو استادن محسوس ڪيو ته سماج سندن پيشي جو قدر ڪري ٿو، جڏهن ته سنگاپور ۾ اها شرح 71 سيڪڙو هئي. استادن جي عزت افزائيءَ لاءِ ورڪي فائونڊيشن ۽ يونيسڪو گڏجي هر سال ڏهه لک ڊالرن جو عالمي استاد انعام ڏين ٿا، جيڪو 2026ع ۾ ڀارت جي استاد روبل ناگي کي مليو، جنهن جي سکيا مرڪزن ڏهه لک کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪول تائين پهچايو. اهڙن ملڪن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته وڏيون عمارتون ۽ مهانگا منصوبا تڏهن ئي ڪارگر ٿين ٿا، جڏهن ڪلاس۾ بيٺل استاد قابل، مطمئن ۽ باعزت هجي. اسان وٽ ان جي ابتڙ استاد کي شڪ جي نظر سان ڏسي هر روز نئين سرشتي ۽ نئين حڪم جي آزمائش ۾ وڌو وڃي ٿو.
يونيسڪو جي 2024ع واري استادن بابت عالمي رپورٽ مطابق دنيا کي 2030ع تائين 4 ڪروڙ 40 لک نون استادن جي ضرورت آهي ۽ 2015ع کان 2022ع تائين پرائمري استادن جو پيشو ڇڏڻ جي شرح ٻيڻي ٿي، 4.62 سيڪڙي کان 9.06 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ان صورتحال کي ڏسندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قائم ڪيل اعلي سطحي پئنل فيبروري 2024ع ۾ استادن جي پگهار، باعزت ڪم جي ماحول، معياري تربيت ۽ پاليسيءَ ۾ سندن آواز بابت سفارشون پيش ڪيون.
سنڌ ۾ به استادن جي تربيت لاءِ ڪجهه سنجيده قدم کنيا ويا. 1995ع ۾ صوبائي استاد تربيتي اداري جو بنياد پيو، 2009ع ۾ استادن جي تعليم ۽ ترقيءَ جي پاليسي آئي ۽ 2012ع ۾ سٽيڊا قائم ڪئي وئي. ساڳئي سال چئن سالن واري بي ايڊ آنرز ۽ ٻن سالن واري ايسوسيئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن شروع ڪئي وئي ۽ 2014ع جي قاعدن ۾ انهن کي ڀرتيءَ لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو. ٻئي پاسي سکر آءِ بي اي جي ٽيسٽن ذريعي 2021ع کان وٺي 93 هزار 118 استاد ميرٽ تي ڀرتي ٿيا، جن ۾ 65 هزار 147 پرائمري ۽ 27 هزار 701 جونيئر ايليمينٽري استاد آهن. هاڻي سٽيڊا تيچنگ لائسنس پاليسي 2023ع تحت ڀرتيءَ لاءِ لائسنس جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي ڪيو آهي. ان جي باوجود پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن مطابق سنڌ ۾ هر تربيت يافته استاد جي حصي ۾ 45 شاگرد اچن ٿا، جيڪا شرح سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ڀرتيءَ کانپوءِ باقاعدي، مسلسل ۽ معياري تربيت جو سرشتو اڃا تائين ڪمزور آهي.
1966ع جي سفارشن ۾ استاد کي مناسب پگهار، نوڪريءَ جو تحفظ، پيشه ورانه آزادي، تنظيم سازيءَ جو حق ۽ پاليسين ۾ مشاورت جو حق ڏنو ويو. 1997ع ۾ يونيسڪو اعلي تعليم جي استادن لاءِ الڳ سفارشون منظور ڪيون. انهن تي عمل جي نگراني محنت جي عالمي اداري ۽ يونيسڪو جي گڏيل ماهرن جي ڪميٽي ڪري ٿي ۽ هن وقت انهن سفارشن ۾ نظرثاني جو ڪم هلي رهيو آهي، جنهن جي نئين صورت 2027ع ۾ منظور ٿيڻي آهي. 178 ملڪن جي استاد تنظيمن جي عالمي اتحاد ايجوڪيشن انٽرنيشنل هن سال چيو آهي ته سٺ سال گذرڻ باوجود 1966ع جو اهو خواب اڃا پورو نه ٿيو آهي.
سنڌ ۾ ته اهو خواب اڃا گهڻو پري آهي. 30 جون 2025ع تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهر پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ لاءِ پرامن احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن، جن ۾ استاد به شامل هئا، تي آنسو گيس ۽ پاڻيءَ جون توپون هلايون ويون ۽ پوليس مطابق 87 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. اخبارن جي رپورٽن مطابق ٽائيم اسڪيل جا ڪيس سالن کان التوا ۾ پيا آهن ۽ ڪيترائي استاد ان جو فائدو ورتي بنا رٽائر ٿي ويا يا هن دنيا مان هليا ويا. حق گهرڻ واري استاد کي پوليس وسيلي دٻايو وڃي ٿو.
سنڌ م تعليمي نظام خاطر ھيٺين قدمن کي بھتر ڪرڻ جي عملي ضرورت آھي
1. ڪلسٽر پاليسيءَ ۾ هيڊ ماسترن جا ڪردار ۽ اختيار چٽا ڪيا وڃن، ننڍن اسڪولن جي هيڊ ماسترن کي به مناسب اختيار ڏنا وڃن ۽ فنڊ وقت سر جاري ڪيا وڃن.
2. اي ٽرانسفر سرشتي جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي، سرٽيفڪيٽن لاءِ رشوت وٺندڙ عملدارن کي سزا ڏني وڃي ۽ بدلين جا سمورا آرڊر عام ڪيا وڃن.
3. استادن جي مقررين ۽ بايوميٽرڪ جي نظام کي ضلعي سطح تي منتقل ڪيو وڃي جنھن ۾ ضلعي سطح جي زميني حقيقتن، اسڪولن جي ضرورت ۽ تحفظ کي اوليت ڏني وڃي.
4. فريمز ۽ بايوميٽرڪ سرشتي ۾ سگنل، رجسٽريشن ۽ سرڪاري ڊيوٽيءَ،موڪل جا مسئلا حل ٿيڻ تائين ڪنهن به استاد جي پگهار نه ڪٽي وڃي ۽ ٽيڪنيڪل مسئلن کي حل ڪرڻ خاطر ضلعي سطح تي ٽيڪنيڪل آفيسون قام ڪيون وڃن.
5. اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ جي مونجھارن کي ختم ڪري انھي کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي، مالي سال جي شروعات ۾ جاري ٿئي ۽ خزاني ۽ وينڊرن جي ڪميشن جو خاتمو ڪيو وڃي.
6. اينٽي ڪرپشن کاتو استادن بدران انهن آفيسن جي جاچ ڪري، جتي بدعنواني سرشتي طور هلي ٿي ۽ جتان ڪميشن ورتي وڃي ٿي انھن جو گھيرائو ڪيو وڃي
7. ٻين کاتن کي اسڪولن ۾ مداخلت کان روڪيو وڃي ۽ استادن خلاف ڪارروائي رڳو تعليمي کاتي جي شفاف جاچ کانپوءِ ڪئي وڃي جينئن استدن مان غير يقيني ۽ عدم تحفظ جو احساس ختم ٿئي.
8. نام نهاد عطائي صحافين جي اسڪولن ۾ بنا اجازت داخلا تي پابندي هجي ۽ استادن جي ڪردار ڪشي ڪندڙ وڊيوز تي حڪومت طرفان فورا قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
9. استادن کان پڙهائيءَ کانسواءِ ٻيا ڪم وٺڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪيا وڃن تھ جينئن استاد بھتر نموني اسڪولن م تعليمي سرگرميون جاري رکي سگھن.
10. وقت سر ترقي، پگهارن ۽ پينشن ۾ سست ترسيل جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ انھي نظام کي آنلائن ڪيو وڃي.
11. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن ۽ خاص ڪري ڳوٺاڻين نياڻين کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ ضلعي سطح تي واضح ٽارگيٽ رکيا وڃن ۽ ٻوڏ ۾ ڊٺل اسڪول بنا دير بحال ڪيا وڃن
12. ڀرتيءَ لاءِ تدريسي سند ۽ لائسنس جي شرط تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي ۽ ڀرتيءَ کانپوءِ مسلسل تربيت جو سرشتو جوڙيو وڃي.
13. 1966ع جي عالمي سفارشن جي روشنيءَ ۾ استادن جي حقن جو صوبائي قانون ٺاهيو وڃي، ٽائيم اسڪيل جا التوا ۾ پيل ڪيس هڪ مقرر مدي ۾ نبيريا وڃن ۽ پرامن احتجاج جي حق جو احترام ڪيو وڃي.
14. استادن بابت پاليسيون ٺاهڻ وقت استادن جي نمائندن ۽ تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي.
استادن جو عالمي ڏينهن اسان سڀني لاءِ هڪ سوال آهي: اسان پنهنجي قوم جي معمارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪري رهيا آهيون؟ ڊجيٽل سرشتا ۽ نيون پاليسيون تڏهن ئي ڪارگر ٿينديون، جڏهن انهن جي ترجيحات ۾ ٻار ۽ استاد هوندا، نه ڪي ڊيش بورڊ ۽ انگ اکر. استاد کي سزا ڏيڻ يا کيس ٽارگيٽ ڪرڻ سان نه، پر کيس عزت، اختيار، وسيلا ۽ ڀروسو ڏيڻ سان ئي تعليمي نظام سڌري سگهي ٿو. اچو ته هن 5 آڪٽوبر تي رڳو استادن کي واڌايون ڏيڻ بدران سندن مسئلا حل ڪرڻ ۽ سندن مانُ مرتبو بحال ڪرڻ جو پڪو پھ ڪريون، ڇو ته جنهن قوم پنهنجي استاد کي وساري ڇڏيو، ان کي تاريخ به وساري ڇڏي ٿي.










