ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي تاريخي قرار ڏيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار احمد کهڙي چيو آهي ته سنڌ جي وحدانيت بابت ڪنهن به قسم جي ورهاست جي ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جا چونڊيل نمائندا ايوان اندر ان معاملي تي پنهنجو واضح موقف پيش ڪندا.سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته اڄ کان سنڌ لاءِ اهم ڏينهن شروع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هن التوا واري رٿ انهن ماڻهن کي روڪڻ لاءِ پيش ڪئي، جيڪي ٻاهر ويهي تقريرون ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري سنڌ جي ورهاست بابت ڳالهيون ڪن ٿا. نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي ورهاست خلاف ٺهراءُ اسيمبلي اڳ به چار پنج ڀيرا منظور ڪري چڪي آهي، پر تازو بحث سنڌ اسيمبلي جي ڪنهن ميمبر نه، پر وفاق ۾ ويٺل هڪ وزير شروع ڪيو. سندس چوڻ هو ته هڪ طرف چيو ويو ته نظام تباهه ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف وفاقي وزير پاران صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي وئي. هن چيو ته کيس ان ڳالهه تي افسوس آهي ته اخبار ۾ اهو بيان ڇپيو ته جيڪڏهن نوان صوبا نه ٺهيا ته فيلڊ مارشل جي محنت ضايع ٿي ويندي. نثار کهڙي ان بيان کي سنڌ تي حملو قرار ڏنو. نثار کهڙي سنڌ جي تاريخ جو ذڪر ڪندي چيو ته سنڌ جي سڃاڻپ صدين پراڻي آهي. هڪ دور ۾ سنڌ کي هند ۽ سنڌ چيو ويندو هو، جڏهن ته پوءِ انڊس سولائيزيشن جي نالي سان به سڃاتو ويو. هن چيو ته سنڌ تي بمبئي پريزيڊنسي جو به قبضو رهيو، پر سنڌ جي اڳواڻن جدوجهد ڪري سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرايو ۽ سنڌ جي سڃاڻپ ٻيهر بحال ڪئي. سنڌ اسيمبلي ۾ نثار کهڙي پنهنجي چاچي ۽ اڳوڻي وڏي وزير ايوب کهڙي بابت ڳالهائيندي چيو ته ”منهنجي چاچي ون يونٽ ٺاهي پنهنجي تاريخ مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي.“ هن چيو ته سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪرڻ بدران اهو سوچڻ گهرجي ته سنڌ کي وڌيڪ مضبوط ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو. نثار کهڙي سوال ڪيو ته ”سنڌ کي ڇو ٽوڙيون؟ سنڌ ايتري وڏي به ناهي، پاڪستان جي ننڍن صوبن مان هڪ آهي. جيڪڏهن ڪيليفورنيا هڪ اسٽيٽ ٿي سگهي ٿي ته سنڌ هڪ صوبو ڇو نٿي رهي سگهي؟“هن چيو ته سنڌ مان گئس ۽ تيل ڪڍي ملڪ کي پاليو پيو وڃي، تنهنڪري سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت بابت ڪنهن به قسم جي سازش قبول نه ڪئي ويندي.”ڇا توهان چاهيو ٿا ته سنڌ به بلوچستان جهڙي ٿئي؟“نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي عوام کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو پنهنجي صوبي بابت ڪهڙي سوچ رکن ٿا. هن سوال ڪيو ته ”ڇا توهان چاهيو ٿا ته سنڌ به بلوچستان جيان ٿئي؟“هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ هن وقت 118 ميمبر موجود آهن ۽ ايوان ۾ ٻه ڀاڱي اڪثريت موجود آهي. سڀاڻي سنڌ جي وحدانيت بابت ٺهراءُ منظور ٿيندو ته پوءِ ڏسڻ چاهيان ٿو ته ڪير سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو. نثار کهڙي ماضي جي هڪ واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته وفاقي وزير نثار ميمڻ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان ڏنو هو ته ان خلاف به سخت عوامي ردعمل سامهون آيو هو. هن موجوده اجلاس کي تاريخي اجلاس قرار ڏيندي چيو ته سڀئي ميمبر ايوان ۾ ڳالهائيندا ۽ سنڌ جي وحدانيت لاءِ پنهنجو موقف پيش ڪندا. نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ سڃاڻپ بابت سنڌ اسيمبلي جو موقف واضح آهي ۽ ايوان ۾ سنڌ جي وحدانيت لاءِ گڏيل آواز اٿاريو ويندو.










