پيٽرول ۽ ڊيزل جا وڌندڙ ريٽ، آخر عوام خاموش ڇو؟

پيٽرول ۽ ڊيزل جا وڌندڙ ريٽ، آخر عوام خاموش ڇو؟

منصور نظاماڻي
پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون هاڻي هر روز وڌي رهيون آهن، جيڪي عام ماڻهو جي روزاني زندگيءَ تي وڏو اثر انداز ٿي رهيون آهن، پيٽرول ۽ ڊيزل جو نئون اگهه لڳ ڀڳ 389 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 424 رپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي، جولاءِ 2026ع کان پيٽرول ۾ لڳ ڀڳ 23 سيڪڙو ۽ ڊيزل ۾ لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته اپريل 2026ع ۾ فيول جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو اُن وقت پيٽرول 458 ۽ ڊيزل 520 رپين تائين به پهتو. مگر هن مهل جيڪي پيٽرول ۽ ڊيزل جون وڌيل قيمتون رڳو پيٽرول پمپن تي لکيل قيمتون ناهن؛ پر انهن جو مطلب آهي مهانگي سواري، وڌندڙ ڀاڙا، مهانگو سامان، وڌندڙ زرعي خرچ جيڪي عام عوام جي زندگي تي سڌو سنئون اثر وجهن ٿا.
مهانگائي جا سرڪاري انگ اکر به صورتحال جي سنگيني ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن، جيئن حساس قيمت انڊيڪس، يعني SPI، جي ڏنل انگن اکرن موجب سيپٽمبر 2026ع جي هڪ هفتي دوران هفتيوار مهانگائي 0.49 سيڪڙو وڌي ۽ جڏهن ته هن سال مجموعي مهانگائي 10.64 سيڪڙو تائين ريڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو نمايان اثر رهيو آهي. آگسٽ 2026ع ۾ صارفين جي قيمت انڊيڪس، يعني CPI، 11.1 سيڪڙو ٻڌائي وئي، جتي ٽرانسپورٽ جي خرچن پڻ مهانگائي تي وڏو اثر وڌو. ٻئي طرف پيٽروليم ليوي ۽ ٻين محصولن جو حصو به فيول جي قيمت ۾ شامل آهي. مطلب ته عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت، ڊالر جي مٽاسٽا واري شرح ۽ مقامي ٽيڪسن سان گڏ حڪومتي پاليسيون پيٽرول ڊيزل جي قيمتن تي اثر انداز ٿين ٿيون ان ڪري اُنھن جي قيمتن جو بحث رڳو عالمي تيل جي منڊي تائين محدود نٿو رهي، پر ان ۾ مقامي مالي پاليسي جو سوال به شامل ٿي وڃي ٿو. هاڻ سوال اهو آهي ته هن مهل جڏهن فيول جي قيمتن جو اثر زندگي جي تقريباً هر شعبي تائين پهچي چڪو آهي، تڏهن به عوام جو ردعمل ايترو ڪمزور ڇو آهي؟
۽ اهڙي مسلسل معاشي دٻاءَ باوجود پاڪستاني سماج ۾ وڏي عوامي مزاحمت ڇو نظر نٿي اچي؟ جيئن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فيول جي قيمتن ۽ ٽيڪسن خلاف احتجاجن جا مثال موجود آهن. 2018ع ۾ فرانس جي ”يلو ويسٽ“ تحريڪ جيڪا فيول ۾ ٽيڪسن جي واڌ ۽ عوام جي زندگي ۾ وڌندڙ خرچن خلاف عوامي ردعمل ڏسڻ ۾ آيو، ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ به ٽرڪ ڊرائيورن، هارين ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن فيول جي وڌندڙ خرچن خلاف احتجاج ڪيا. انهن مثالن مان گهٽ ۾ گهٽ اهو ضرور ظاهر ٿئي ٿو ته جڏهن معاشي مسئلو ڪنهن مخصوص طبقي يا شعبي کي منظم نموني متاثر ڪري ٿو ته عوامي يونين، سول سوسائٽي ۽ سياسي، غير سياسي تنظيمون احتجاج کي اجتماعي آواز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿيون. پر پاڪستان ۾ اهڙيون منظم ۽ مزاحمتي تحريڪون نسبتاً ڪمزور نظر اچن ٿيون.
ان جا سبب رڳو سياسي ناهن، پر معاشي ۽ سماجي به آهن. روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور لاءِ احتجاج ۾ گذاريل هڪ ڏينهن جو مطلب هڪ ڏينهن جي آمدني وڃائڻ آهي. ننڍو دڪاندار، ڊرائيور، هاري يا گهٽ آمدني وارو ملازم اڳ ئي بجلي، گئس، کاڌي، تعليم ۽ علاج جي خرچن کي منهن ڏئي رهيو آهي؛ اهڙي حالت ۾ احتجاج لاءِ وقت، وسيلا ۽ عام ماڻهو کي احتجاج لاء منظم ڪرڻ آسان ڪم ناهي. ان سان گڏ هتي سياسي ورهاست به عوامي معاشي مسئلن کي گڏيل تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ به رڪاوٽ بڻجن ٿيون. جڏهن معاشي مسئلو به سياسي ڌرين جي باهمي الزام تراشي جو حصو بڻجي وڃي ته عام ماڻهو جو ڌيان اصل سوال کان هٽي وڃي ٿو. نتيجي ۾ هر نئين قيمت ۾ واڌ ڪجهه ڏينهن جي بحث، شڪايتن ۽ سوشل ميڊيا جي ردعمل کان پوءِ روزمره جي زندگيءَ ۾ جذب ٿي وڃي ٿي.
مسلسل مهانگائي جو هڪ نفسياتي اثر به هوندو آهي: ماڻهو مزاحمت بدران بقا جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. هو سفر گهٽ ڪري ٿو، گهر جو خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُن سان گڏ ٻارن جي ضرورتن وارين شين کي به گهٽ ڪري ٿو، پر ائين ڪرڻ سان وقتي طور ته ڪجهه مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر مستقل طور ته وري به مسئلا وڌندا رهن ٿا. اسان کي خبر آهي، ته حڪومت عالمي تيل جي قيمتن، جنگين، درآمدي بل يا مٽاسٽا واري شرح کي قيمتن ۾ واڌ جو سبب قرار ڏئي ٿي ته ان بحث جو هڪ حصو عالمي حالتن سان لاڳاپيل ضرور هوندو آهي، پر ان سان گڏ اهو سوال به جائز رهي ٿو ته مقامي ٽيڪسن، پيٽروليم ليوي، حڪومتي خرچن ۽ قيمت مقرر ڪرڻ واري نظام ۾ عام صارف کي ڪيترو رليف ملي ٿو. عوام کي اھو واضح ٻڌايو وڃي ته هڪ ليٽر فيول جي قيمت ۾ عالمي تيل جو حصو ڪيترو آهي، ٽيڪسن ۽ ليوي جو حصو ڪيترو آهي ۽ حڪومت ڪهڙي حد تائين قيمت کي گهٽ يا وڌ ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي اُن تي عمل ڪري ٿي.
ڏٺو وڃي ته هن مهل فيول جي قيمتن ۾ واڌ جو دائرو پيٽرول پمپ کان گهڻو اڳتي وڌي وڃي ٿو، ڊيزل مهانگو ٿيڻ سان زرعي مشينري، ٽيوب ويل، ٽرانسپورٽ ۽ سامان جي رسد جا خرچ وڌي وڃن ٿا؛ پيٽرول مهانگو ٿيڻ سان موٽر سائيڪل، ڪار، رڪشا ۽ ٻين ذريعن سان سفر ڪندڙ لکين ماڻهن جو ماهوار خرچ وڌي وڃي ٿو. ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيڻ سان ان جو اثر مارڪيٽ تائين پهچي ٿو ۽ آخرڪار صارف کي وڌيڪ رقم ادا ڪرڻي پوي ٿي. تنهنڪري حڪومت لاءِ فيول جي قيمت وڌائڻ يا گهٽائڻ بدران اُن جي قيمتن جي مڪمل ڍانچي کي عوام آڏو شفاف بڻائي، غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ آسان ٽارگيٽيڊ رليف تي غور ڪري ۽ اهڙي پاليسي اختيار ڪري جيڪا عالمي منڊي جي جهٽڪن جو سڄو بار صارف تي منتقل نه ڪري. ساڳئي وقت سياسي پارٽين، مزدور تنظيمن، واپاري تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي به معاشي مسئلن کي سنجيده عوامي بحث جو موضوع بڻائڻو پوندو.
پيٽرول ۽ ڊيزل جا روزاني وڌندڙ اگهه عوام جي مٿان جيڪي بم ٿي ڪرن پيا، آخرڪار عوام اُنھن کي ڪيستائين برداشت ڪندو، جهڙي طرح مهانگائي وڌي رهي آهي اُن طرح آمدني ساڳي رفتار سان نه وڌي رهي آهي ۽ بنيادي خرچ مسلسل وڌندي رهيا آهن، تنهن ڪري فيول جي قيمتن جو هر ڏينھن اضافو عام ماڻهو جي کيسي ڪجهه نه ڪجهه ڪڍي وٺي ٿو. پر عوام جي خاموشي کي مسئلي جو حل سمجهڻ به درست ناهي. خاموشي جو مطلب هميشه رضامندي ناهي؛ اها مجبوري، معاشي بي وسي، خوف، سياسي بي اعتمادي جي کوٽ جو نتيجو ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري سوال رڳو اهو نه هجڻ گهرجي ته پيٽرول 389 يا ڊيزل 424 رپيا ڇو ٿيو، پر اهو به هجڻ گهرجي ته ان قيمت ۾ عوام جو حصو ڪيترو، حڪومت جو حصو ڪيترو ۽ رليف جي ذميواري ڪنهن جي آهي. حڪومت جي شفافيت ۽ جوابدهي وڌائڻ ۽ معاشي پاليسين تي هڪ سنجيده عوامي بحث ھئڻ گھرجي جنهن سان ٿي سگهي ڪجھ عوام کي رليف ملي سگهي، پر ياد رکو عوامي جي خاموشي جنهن ڏينهن ٽٽي ته اُن ڏينھن جيڪو عوامي رد عمل ايندو، اھو انتهائي خطرناڪ هوندو. اُن ڪري اقتدار ۾ ويٺلن کي عوام جي رليف لاء ڪجهه نه ڪجهه ضرور سوچڻ گھرجي نه ته سريلنڪا ۽ نيپال واري عوامي رد عمل لاء تياري ڪري وٺو،

پهنجو تبصرو موڪليو