نديم علي خواجه
ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ ۾ ماحول گرم ٿي رھيو آھي، ھڪ طرف پيپلز پارٽي جي چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري جي مڱڻي جي خبر سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھي آھي، ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي رھائي جي لاء پڻ ڪوششون جاري آھن، پيپلز پارٽي بابت سياسي مبصرين جو چوڻ آھي ته ھن وقت پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آھن، مسلم ليگ نواز ھن وقت اقتدار ۾ آھي، جڏھن ته پنجاب ۾ پڻ نواز ليگ جي حڪومت آھي، جڏھن ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آھي، خيبر پختون خواه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪمراني قائم آھي، ڪجھ سياسي تجزيه نگارن جو خيال آھي ته پيپلز پارٽي ھن وقت تحريڪ انصاف لاء نرم رويو اختيار ڪيو آھي، جڏھن ته پاڪستان تحريڪ انصاف انھن خبرن جي نه تصديق ڪئي آھي، نه ئي ترديد ڪئي آھي، تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جو موقف سامھون آيو آھي ته پيپلز پارٽي سان اتحاد نه ٿيندو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم پڻ ميڊيا سان پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي اھو ئي واضع ڪيو آھي ته تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان پڻ انھي اتحاد جي حق ۾ نه آھي، جڏھن ڪشمير ۾ اليڪشن ٿي رھيا ھئا ته وفاقي حڪمران پارٽي مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز، پارٽي ھڪ ٻئي جي خلاف سخت تنقيد ڪئي آھي، پيپلز پارٽي جو چوڻ آھي ته ڪشمير اليڪشن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي ويئي آھي، جڏھن جي مسلم ليگ نواز ترديد ڪندي واضح ڪيو آھي ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت رھي آھي، پر ترقياتي ڪم نه ٿيئڻ سبب ڪشمير جي عوام پيپلز پارٽي کي مسترد ڪندي نواز ليگ تي مڪمل اعتماد ڪيو آھي، ھن وقت آزاد ڪشمير ۾ نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿي چڪي آھي، جڏھن ته تحريڪ انصاف جي اطلاع واري سيڪريٽري جو اھو به چوڻ آھي ته پيپلز پارٽي حڪومت کان ھر شئي ۾ حصو وٺي رھي آھي، جڏھن ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ھڪ ٻئي تي سخت تنقيد ڪرڻ باوجود پاڻ ۾ اتحادي آھن، سندس چوڻ آھي ته ھن وقت به پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ نواز ليگ جي ھر قانون جي مخالفت ڪري رھي آھي، جنھن جو ثبوت اھو آھي ته قومي اسيمبلي ۾ نواز ليگ پاران 14 قانون پيش ڪيا ويا، پر آھي منظور نه ٿي سگھيا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ھڪ وفاقي وزير جي درخواست تي انھن قانونن جي منظوري روڪي ڇڏي، جنھن کانپوء ٻنھي وڏين سياسي پارٽين ۾ ڳالھيون شروع ٿي ويون، جڏھن ته وفاقي حڪومت سان اتحاد باوجود پيپلز پارٽي عوامي مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ خاموش نظر اچي رھي آھي، ھن وقت ملڪ ۾ مھنگائي عروج تي پھچي چڪي آھي، روزانو پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، بجلي ۽ گيس پڻ عوام جي پھچ کان پري ٿي رھيا آھن، جيڪڏھن اسان ماضي تي نظر وجھنداسين ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز 1988 کان وٺي 1999 تائين ھڪ ٻئي جا مخالف رھيا آھن، ٻنھي سياسي پارٽين جي بيان بازي سبب ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿي ويو ھو، هر شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ميثاق جمھوريت جي فامولي تحت ٻنھي سياسي پارٽين ملڪي مفادن خاطر اتحاد قائم ڪري ڇڏيو، جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿي ته ملڪ جي عوام ۾ ھڪ اميد پيدا ٿي، عوام کي يقين ھو ته ھاڻي ملڪ ترقي ڪندو، پر وزير اعظم محترم عمران خان پنھنجي حڪومت دوران سياسي پارٽين خلاف ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا، ملڪ جي اھم سياسي پارٽين جا اڳواڻ قيد ۾ رھيا، عمران خان ھر سياسي اڳواڻ جي خلاف ٿي ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سان گڏوگڏ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود خان اچڪزئي تي پڻ تنقيد شروع ڪري ڇڏي، پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي ئي ھڪ مرڪزي اڳواڻ مخدوم جاويد ھاشمي تي الزام ھنيا، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ پارٽي جي اھم اڳواڻن خلاف پڻ ڪاروايون شروع ڪيون ويون، آخرڪار عدم اعتماد ذريعي تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، ھن وقت پڻ سياسي ماحول گرم ٿي رھيو آھي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافات اڳتي ھلي شدت اختيار ڪن ٿا، يا مفاھمتي پاليسي تي عمل ڪندي ختم ٿي ويندا، اھو وقت تي ميسر آھي، ھڪ ڳالھ واضح آھي ته ملڪ جون اھي ٻئي وڏيون سياسي پارٽيون ھڪ ٻئي جي تعاون کانسواء حڪومت جون واڳون نٿيون سنڀالي سگھن، ڇوته تحريڪ انصاف ٻنھي سياسي پارٽين سان اتحاد ڪرڻ جي حق ۾ نه آھي، پر پاڪستان جي سياست ۾ ڪابه شئي ناممڪن نه آھي.










