اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ برطانيه سڀني شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري سان وفد جي سطح تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي، جڏهن ته ملاقات ۾ سنڌو پاڻي معاهدي ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو.اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پاران بين الاقوامي ذميدارين جي مسلسل خلاف ورزي ڳڻتي جوڳي آهي.اسحاق ڊار افغانستان مان پاڪستان کي درپيش دهشتگردي جي خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.ٻئي طرف نائب وزيراعظم اسحاق ڊار لنڊن ۾ برطانوي قومي سلامتي صلاحڪار جونٿن پاول سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جون ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ قابل قبول حل لاءِ مسلسل سفارتي ڪوششون جاري آهن.










