غيرقانوني پيٽرول ڊيزل خلاف ڪريڪ ڊائون، 3 گرفتار

غيرقانوني پيٽرول ڊيزل خلاف ڪريڪ ڊائون، 3 گرفتار

سکر( جئيرام بختيارپوري) سکر پوليس غير قانوني طور پيٽرول ۽ ڊيزل جي خريد و فروخت ۽ ذخيرو ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي ڪندي وڌيڪ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي ايس پي سائيٽ ايريا عبدالقادر سومرو جي سربراهي ۾ ٿاڻي تمچاڻي جي ايس ايڇ او ڳجهي اطلاع تي ڊريها ڀرسان ڪارروائي ڪئي، جتي غير قانوني طور ڊيزل جي خريد و فروخت ۽ ذخيرو ڪندڙ عنصرن خلاف ڪارروائي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن ۾ سارنگ مهر، امجد مهر ۽ عابد علي سدايو شامل آهن. پوليس موجب ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 540 ليٽر ڊيزل، ڊرم، جنريٽر، پمپ ۽ غير قانوني سرگرمي ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ويگن پڻ هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن خلاف ڪرائيم نمبر 62/2026 تحت قلم 285، 286، 353، 379، 147، 148 ۽ 149 تعزيرات پاڪستان جي تحت ٿاڻي تمچاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي سکر احمد چوڌري چيو آهي ته غير قانوني طور کليل عام پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڪري سان انساني جانين لاءِ انتهائي سنگين خطرو پيدا ٿئي ٿو، جنهن سبب ڪنهن به وقت باهه لڳڻ يا وڏو حادثو پيش اچڻ جو خدشو رهي ٿو. شهرين جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو