سراج منير عباسي
سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري ۽ سرڪاري امداد يافته اسڪولن ۾ تعليمي نظام کي وڌيڪ شفاف، جديد ۽ Data-driven بڻائڻ لاءِ Student Attendance Monitoring and Redress System (SAMRS) کي مرحليوار سڄي صوبي ۾ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏ شاگردن جي داخلا جو نظام به مڪمل طور Digital بڻايو پيو وڃي، جنهن تحت هر شاگرد کي NADRA جي تصديق ٿيل B-Form سان ڳنڍيل Unique Student ID جاري ڪئي ويندي. ان سڃاڻپ ذريعي شاگرد جي داخلا، روزاني حاضري، تعليمي ڪارڪردگي، امتحاني رڪارڊ ۽ اسڪول جي تبديلي سميت سمورو تعليمي سفر هڪ ئي Digital Profile ۾ محفوظ رهندو.
۽ هن جو دائرو هاڻي سنڌ جي 3,647 سرڪاري اسڪولن تائين وڌايو پيو وڃي، جنهن سان طلبه ۽ طالبات جي حاضري جي مؤثر Digital Monitoring ممڪن ٿيندي. حڪومت جي منصوبي موجب اپريل 2027 تائين سمورن سرڪاري اسڪولن جو ڊجيٽل حاضري رڪارڊ ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪيو ويندو، جنهن سان شاگردن جي حاضري ۽ تعليمي رڪارڊ جي نگراني وڌيڪ منظم ۽ شفاف انداز ۾ ٿي سگهندي.
هر شاگرد جو مڪمل Digital Educational Profile تيار ڪيو ويندو، جنهن ۾ سندس حاضري، تعليمي ڪارڪردگي، امتحاني رڪارڊ ۽ اسڪول منتقلي سميت مڪمل تعليمي سفر محفوظ رهندو. Unique Student ID ذريعي شاگرد جو سمورو رڪارڊ سندس تعليمي سفر دوران هڪ ئي سڃاڻپ سان ڳنڍيل رهندو.هي نظام شروعاتي طور SELECT Project تحت سنڌ جي 12 ضلعن جي 600 اسڪولن ۾ آزمائشي بنيادن تي متعارف ڪرايو ويو، جتي ان جا حوصلا افزا نتيجا سامهون اچڻ بعد سنڌ ڪابينا SAMRS Policy 2026 جي منظوري ڏني. ان کانپوءِ School Education and Literacy Department (SELD) پاران صوبي جي سڀني سرڪاري ۽ سرڪاري امداد يافته اسڪولن ۾ هن نظام کي مرحليوار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.نئين نظام تحت شاگردن جي حاضري Mobile App وسيلي داخل ڪئي ويندي، جڏهن ته QR Code ۽ Facial Recognition ذريعي ان جي تصديق به ممڪن هوندي. Online Dashboard وسيلي اسڪولن جي ڪارڪردگي، حاضري، داخلا ۽ ٻين تعليمي انگن اکرن جي Real-time Monitoring ڪئي ويندي، جنهن سان مسلسل غير حاضر رهندڙ يا تعليم ڇڏڻ جي خطري وارن ٻارن جي بروقت سڃاڻپ ممڪن بڻبي.مسلسل غير حاضري ۽ Dropout جي خطري وارن شاگردن جي بروقت نشاندهي ڪئي ويندي، جڏهن ته والدين کي SMS، E-mail ۽ WhatsApp Alerts ذريعي اطلاع ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ان سان والدين، اسڪول ۽ لاڳاپيل ادارا بروقت اصلاحي قدم کڻي سگهندا ۽ ٻارن کي تعليم سان ڳنڍيل رکڻ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري سگهندا.ساڳئي وقت جعلي ۽ ٻيڻين داخلائن جي خاتمي سان گڏ شڪايتن جي ازالي لاءِ Digital Redress Mechanism پڻ فراهم ڪيو ويندو. Unique Student ID ذريعي هر ٻار جو مستقل تعليمي رڪارڊ قائم ٿيڻ سان Duplicate Enrolment جي نشاندهي ۽ خاتمو وڌيڪ آسان ٿيندو.تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه ڪراچي ۾ NADRA جي اعليٰ عملدارن سان اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته صوبي ۾ شاگردن جي داخلا کي مڪمل طور Digital بڻايو پيو وڃي ته جيئن هر ٻار جو صحيح، شفاف ۽ قابل اعتماد رڪارڊ تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته هر شاگرد کي B-Form سان ڳنڍيل Unique ID ڏني ويندي، جنهن ذريعي داخلا، حاضري، Academic Performance، Examination Record ۽ School Transfer جي سموري معلومات هڪ ئي پروفائيل ۾ محفوظ رهندي. سندس چوڻ هو ته هن نظام سان نه رڳو جعلي ۽ Duplicate Enrolment جو خاتمو ٿيندو، پر مسلسل غير حاضر يا Dropout جي خطري وارن ٻارن جي به وقت سر نشاندهي ٿي سگهندي.
اجلاس ۾ NADRA جي ڊائريڪٽر جنرل عامر علي خان، ڊائريڪٽر ايڊمن ڪرنل راؤ رضوان، ڊائريڪٽر آپريشنز مقصود جهنڊاڻي ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران Digital Enrolment System، NADRA Data Integration ۽ Unique Student Identity سميت صوبي ۾ مرحليوار نفاذ جي عملي طريقيڪار تي تفصيلي غور ڪيو ويو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته SAMRS صرف Attendance System نه، پر تعليم ۾ بنيادي تبديلي آڻيندڙ هڪ جامع Digital Platform آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙو مربوط نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو شاگردن جي حاضري، استادن جي ڪارڪردگي، اسڪولن جي بنيادي سهولتن ۽ تعليمي نتيجن بابت معلومات هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ڪري ٿو.سندس چوڻ هو ته حڪومت جو مقصد صرف نگراني نه، پر مستند ڊيٽا جي بنياد تي اهڙا فيصلا ڪرڻ آهي، جيڪي هر ٻار تائين معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ هن نظام کي صحت، غذائيت ۽ سماجي تحفظ جي مختلف پروگرامن سان به ڳنڍڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
سيد سردار علي شاهه چيو ته SAMRS سنڌ جي تعليمي شعبي لاءِ هڪ Game Changer ثابت ٿيندو. هن موجب ٽيڪنالاجي جي استعمال سان انساني مداخلت گهٽ ٿيندي، شفافيت ۽ احتساب وڌندو، جڏهن ته صحيح ڊيٽا جي بنياد تي Educational Planning، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ تعليمي سڌارن تي وڌيڪ مؤثر نموني عملدرآمد ممڪن بڻبو.. SELD پاران ڪلسٽر هيڊ ماسترن، هيڊ ٽيچرن، اسڪول ليڊرن ۽ استادن لاءِ SAMRS Training پڻ شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ App ۽ Portal جو استعمال، حاضري داخل ڪرڻ، Data Verification، بروقت Updating، فني مسئلن جي Reporting ۽ اسڪول ليڊرشپ جي ذميوارين بابت عملي رهنمائي ڏني ويندي.
اسڪولن ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته روزاني حاضري مقرر وقت تي داخل ڪئي وڃي، هر داخلا صحيح ۽ تصديق ٿيل هجي ۽ ڪنهن به فني مسئلي بابت لاڳاپيل اختيارين کي فوري آگاهه ڪيو وڃي. تعليم کاتي موجب هن وقت SAMRS استعمال ڪندڙ 99 سيڪڙو اسڪولن Attendance Reporting شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 92 سيڪڙو اسڪولن ۾ Redress System به فعال ٿي چڪو آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته هن جديد نظام سان شاگردن جي حاضري ۾ بهتري، Dropout Rate ۾ گهٽتائي، جعلي ۽ ٻيڻين داخلائن جو خاتمو، صحيح انگ اکرن جي دستيابي ۽ صوبي ۾ تعليمي معيار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان مدد ملندي. خاص طور تي والدين کي SMS، E-mail ۽ WhatsApp Alerts ذريعي بروقت اطلاع ملڻ سان غير حاضري ۽ اسڪول ڇڏڻ جي مسئلي کي ابتدائي مرحلي ۾ منهن ڏيڻ لاءِ اسڪول ۽ گهر جي وچ ۾ رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي اميد آهي.
سنڌ ۾ 3,647 سرڪاري اسڪولن تائين SAMRS جي توسيع ۽ اپريل 2027 تائين ڊجيٽل حاضري رڪارڊ جي منتقلي جو هدف، صوبي جي تعليمي نظام کي روايتي ڪاغذي رڪارڊ کان هڪ مربوط Digital Education Management System ڏانهن منتقل ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهي. جيڪڏهن ڊيٽا جي درستگي، رازداري، فني سهولتن ۽ عملي تربيت کي مسلسل يقيني بڻايو ويو ته هي نظام سنڌ ۾ تعليم بابت پاليسي سازي، نگراني ۽ اسڪولن جي انتظام کي وڌيڪ شفاف ۽ جوابده بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.










