ڪراچي جي ڌار صوبي جي ڳالهه ۽ ممڪنه مزاحمت

ڪراچي جي ڌار صوبي جي ڳالهه ۽ ممڪنه مزاحمت

ليکڪ: نديم فاروق پراچا
ڪراچي کي سنڌ صوبي کان ڌار ڪرڻ گهرجي يا نه، ان بابت بحث پاڪستان جي قديم ترين سياسي تڪرارن مان هڪ آهي. هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جو موقف آهي ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي. ٻئي پاسي اردو ڳالهائيندڙ مهاجر آبادي جي نمائندگي ڪندڙ پارٽيون، جهڙوڪ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم)، دليل ڏين ٿيون ته ڪراچي کي ان ڪري نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، جو شهر ۾ سنڌين جي اڪثريت ناهي.
ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي کي ”سنڌي پارٽي“ سمجهي ٿي، جيتوڻيڪ 2008ع تائين پيپلز پارٽي جو ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ به وڏو ووٽ بئنڪ هو، ۽ هن وقت سنڌ کان علاوه بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ به پيپلز پارٽي حڪمران پارٽي آهي.
ڪراچي جي مهاجر آبادي، جنهن جي سياسي حمايت بنيادي طور ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي (جي آءِ) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) وچ ۾ ورهايل آهي، جو خيال آهي ته شهر جي حالت ان وقت ئي بهتر ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان کي هڪ الڳ صوبو بڻايو وڃي يا وفاق جي سڌي انتظامي ڪنٽرول هيٺ ڏنو وڃي.
گهڻا سياسي مبصر هن مسئلي کي سنڌين ۽ مهاجرن وچ ۾ تڪرار قرار ڏين ٿا، پر اهو هڪ سادو ۽ اڌورو نظريو آهي. اهو هڪ انتهائي اهم حقيقت کي نظرانداز ڪري ٿو: ڪراچي ۾ رهندڙ لکين غير مهاجر شهري به شهر کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪرڻ جو امڪان رکن ٿا.
شهر ۾ غير مهاجر نسلي گروهه ان جي وڏي آباديءَ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو آهن. سندن خدشا ۽ تاريخي تجربا سمجهائين ٿا ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻائڻ واري ڪنهن به منصوبي کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت رڳو سنڌي نٿا ڪن.
ڪراچي جي الڳ صوبي جو مطالبو اڪثر سنڌي صوبائي حڪومت ۽ مهاجرن جي وچ ۾ جنگ طور پيش ڪيو ويندو آهي. پر شهر ۾ رهندڙ لکين پختون، سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ ٻين برادرين وٽ به هن خيال جي مخالفت جا پنهنجا سبب موجود آهن.
حقيقت ۾، جيتوڻيڪ مهاجر اڃا تائين شهر جو سڀ کان وڏو انفرادي نسلي گروهه آهن، پر گذريل ڏهاڪن دوران ڪراچي نسلي لحاظ کان گهڻو وڌيڪ متنوع شهر بڻجي ويو آهي.
2023ع جي مردم شماري جي انگن اکرن موجب، مهاجر 50.6 سيڪڙو سان اڪثريت ۾ آهن، جن کانپوءِ پختون، سنڌي، پنجابي، بلوچ، سرائيڪي، هندڪو، گجراتي ۽ بنگالي برادريون اچن ٿيون.
گڏيل طور غير مهاجر نسلي گروهه شهر جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو آهن. ان ڪري ڪراچي جي انتظامي مستقبل بابت ڪو به وڏو فيصلو انهن لکين شهرين تي سڌو اثر وجهي ٿو، جيڪي پاڻ کي مهاجر نٿا سڏين.
اهو سمجهڻ لاءِ ته غير مهاجر آبادي وڏي حد تائين الڳ ڪراچي صوبي کان ڇو ڊڄي ٿي، ضروري آهي ته 1980ع، 1990ع ۽ 2000ع جي ڏهاڪن دوران شهر جي تاريخ تي نظر وڌي وڃي.
انهن ڏهاڪن دوران ڪراچي شديد نسلي تشدد جو شڪار رهيو. ايم ڪيو ايم مهاجرن جي نمائندگي ڪندڙ غالب سياسي قوت طور اڀري. ساڳئي وقت مختلف نسلي برادرين وچ ۾ پرتشدد جهيڙا شروع ٿيا.
1985ع ۾ صورتحال سنجيده نموني خراب ٿيڻ شروع ٿي، جنهن کانپوءِ پختونن ۽ مهاجرن وچ ۾ ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ تڪرار شروع ٿيو.
ڪيترن ئي سالن دوران سياسي پٺڀرائي رکندڙ مهاجر، پختون، سنڌي ۽ بلوچ ٽرانسپورٽ رستن، زمين ۽ جائيداد، مقامي مارڪيٽن ۽ سرڪاري نوڪرين تي ڪنٽرول لاءِ سخت علائقائي ويڙهه ڪندا رهيا.
هڪ وڏو پرتشدد واقعو 12 مئي 2007ع تي پيش آيو، جڏهن سياسي ۽ نسلي تشدد سڄي شهر کي مفلوج ڪري ڇڏيو ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا.
لڳ ڀڳ ٽن ڏهاڪن تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ غير مهاجر شهري مسلسل خوف ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ زندگي گذاريندا رهيا. انهن کي سياسي محرومي، هڙتالن ۽ ڀتي خوري کي منهن ڏيڻو پيو.
انهن تجربن جي ڪري غير مهاجر برادرين ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي مهاجر سياسي حامين بابت گهري بي اعتمادي پيدا ٿي. شهر جي گهٽين ۽ علائقن تي هڪ سياسي پارٽي جي غلبي جون يادون اڃا تائين تازيون آهن.
جڏهن سياسي اڳواڻ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي تجويز ڏين ٿا ته غير مهاجر رهواسي ان کي بهتر بنيادي ڍانچي جو منصوبو نٿا سمجهن. ان جي بدران هو ان کي مهاجر غلبي کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي هڪ ڪوشش طور ڏسن ٿا.
بنيادي خدشو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي الڳ صوبو بڻجي وڃي ته مقامي انتظامي اختيار مڪمل طور تي ”نسلي برتري پسند“ مهاجر گروهن جي هٿن ۾ هليا ويندا.
غير مهاجر رهواسين کي خدشو آهي ته پيپلز پارٽي جي قيادت واري سنڌ حڪومت جي نگراني ختم ٿيڻ کانپوءِ کين ٻيهر سياسي طور پٺتي ڌڪيو ويندو ۽ مقامي سطح تي هراسانين کي منهن ڏيڻو پوندو. ليکڪ موجب، اهو هڪ جائز خدشو آهي.
شهر جي غير مهاجر گروهن وٽ اهڙي وڏي تبديلي جي مخالفت جا ٻيا به ڪيترائي خاص سبب آهن.
پختون سڄي شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار، ننڍا دڪان ۽ تعميراتي خدمتون هلائين ٿا. کين خدشو آهي ته مهاجر قيادت واري انتظاميا سندن ڪاروبارن کي نشانو بڻائيندي، واپار تي پابنديون لڳائيندي ۽ ڀتي خوري جا نيٽ ورڪ ٻيهر سرگرم ٿي سگهن ٿا.
پنجابي رهواسين کي خوف آهي ته ڪنهن هڪ گروهه جي سياسي بالادستي تشدد ۽ مارڪيٽن جي بندش جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
سنڌين لاءِ ڪراچي سندن صوبي جو تاريخي ۽ معاشي گاديءَ جو هنڌ آهي. هو ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ کي پنهنجي تاريخي وطن کي ورهائڻ ۽ کين پنهنجي ئي گادي واري شهر ۾ اجنبي بڻائڻ جي ڪوشش سمجهن ٿا.
بلوچ برادرين کي خدشو آهي ته مهاجر غلبي واري مقامي انتظاميا جي ڪنٽرول هيٺ شهري ترقياتي منصوبن سبب سندن زمينون هٿن مان نڪري سگهن ٿيون.
غير مهاجر رهواسي شايد موجوده پيپلز پارٽي جي قيادت واري سنڌ حڪومت سان مڪمل طور مطمئن يا خوش نه هجن، پر جڏهن کين هڪ ”خامين واري“ پيپلز پارٽي حڪومت ۽ اهڙي مقامي شهري حڪومت مان چونڊ ڪرڻي پوي، جيڪا مڪمل طور انهن سياسي گروهن جي هٿ ۾ هجي جن کي هو مهاجر ”برتري پسندي“ جي علامت سمجهن ٿا، ته هو مسلسل صوبائي حڪومت کي ترجيح ڏين ٿا.
پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ 2022ع جي بلدياتي چونڊن لاءِ پنهنجي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۾ هن سياسي حقيقت مان فائدو ورتو.
ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مهاجر اڪثريتي علائقن گهڻي حد تائين جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنا، جڏهن ته غير مهاجر علائقن ۾ ماڻهن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو. ايم ڪيو ايم چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو، جنهن سبب ان جا ووٽ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ورهائجي ويا.
پيپلز پارٽي جي قيادت واري سنڌ حڪومت هڪ توازن قائم ڪندڙ قوت طور ڪم ڪري ٿي، جيڪا ڪراچي تي ڪنهن هڪ گروهه کي مڪمل غلبو حاصل ڪرڻ کان روڪي ٿي.
بدقسمتي سان پنجاب جهڙن نسلي طور نسبتاً هڪجهڙن صوبن ۾ هن حقيقت کي مڪمل طور سمجهيو نٿو وڃي. پنجاب جا سياسي حلقا ڪراچي جي سياست جا سڀ کان وڏا نقاد آهن، خاص طور تي ان ڪري جو ڪراچي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مضبوط سياسي قلعي جو گاديءَ وارو شهر آهي.
پر اها به هڪ دلچسپ ستم ظريفي آهي ته، مثال طور، پنجاب جي صوبائي حڪومتن طرفان ڪراچي ۾ برساتن سبب ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال جو اڪثر مذاق اڏايو ويندو آهي، جڏهن ته پاڻ پنجاب جي مختلف شهرن جو بنيادي ڍانچو به تباهه ڪندڙ برساتن سبب بار بار تباهه ٿيندو رهي ٿو.
جيتوڻيڪ موسمياتي تبديلي سبب دنيا جي وڏن شهرن ۾ اوچتا ۽ شديد ٻوڏ وارا واقعا عام ٿيندا پيا وڃن، پر پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جو اصل مسئلو وڏين سياسي پارٽين جي هڪ ٻئي تي خراب حڪمراني جا الزام هڻڻ واري جارحاڻي سياسي بيان بازي ۾ مڪمل طور دٻجي وڃي ٿو.
پنجاب ۾ خاص طور مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن طرفان سنڌ حڪومت ۽ خاص طور ڪراچي تي تنقيد ڪرڻ جو هڪ ٻيو سبب شايد اهو پراڻو ۽ لڳ ڀڳ لاشعوري احساس آهي ته پيپلز پارٽي جو ڪنهن زماني ۾ پنجاب ۾ به تمام وڏو ووٽ بئنڪ هو.
لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) اڃا تائين ان يادگيريءَ کان متاثر آهي، جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي جي ان پراڻي ووٽ بئنڪ جو هاڻي صرف هڪ حصو باقي بچيو آهي.
ڪراچي هاڻي اهو شهر ناهي رهيو، جيڪو 1980ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن کان 2008ع تائين هو. اهو هاڻي پاڪستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ مزدورن، واپارين ۽ خاندانن جي گڏيل ڪوششن سان ٺهيل هڪ وڏو عظيم الشان شهر بڻجي چڪو آهي.
ڪراچي جي مستقبل بابت ڪنهن به سنجيده بحث ۾ هن آباديءَ واري حقيقت کي تسليم ڪرڻ لازمي آهي.
سنڌ کي ورهائڻ جو سوال رڳو اسلام آباد ۽ ڪراچي جي سياسي اڳواڻن وچ ۾ اختلاف جو معاملو ناهي. اهو هڪ انتهائي حساس مسئلو آهي، جيڪو لکين غير مهاجر شهرين تي سڌو اثر وجهي ٿو، جيڪي پنهنجي سلامتي ۽ سياسي آواز وڃائڻ کان ڊڄن ٿا.
جيستائين سياسي اڳواڻ اهڙو جامع نظام قائم ڪرڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن، جنهن ۾ شهر جو هر نسلي گروهه پاڻ کي محفوظ ۽ نمائندگي وارو محسوس ڪري، تيستائين ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڪنهن به منصوبي کي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو ــ ۽ اها مخالفت رڳو سنڌين طرفان نه، پر ڪراچي جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي طرفان به ٿيندي.(نوٽ هي مضمون اڄوڪي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو