منگهو پير، گهر ۾ ڦر، 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ قتل

منگهو پير، گهر ۾ ڦر، 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) منگهو پير ۾ هڪ گهر ۾ ڦر دوران 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ مارجي ويو.پوليس موجب، مقتول جي سڃاڻپ 15 سالن جي روشم جي نالي سان ٿي آهي، مقتول ميٽرڪ جو شاگرد هو.ميڊيا سان ڳالهائيندي، مقتول جي پيءُ روئيداد حسين چيو ته واقعي لاءِ 6 ڌاڙيل گهر ۾ داخل ٿيا، ٻه هٿياربند ماڻهو به پوليس جي وردي ۾ هئا، جيئن ئي مون ڌاڙيلن جي چيخ ٻڌي، مان پنهنجي ڪمري مان ٻاهر آيس، منهنجو پٽ به ٻئي ڪمري مان ٻاهر آيو.مقتول نوجوان جي پيءُ چيو ته شڪي ماڻهن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، منهنجي پٽ کي سيني ۾ گولي لڳي، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.روئيداد حسين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، مقتول 8 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو